نوازشريف پارٽي ايم اين ايز ۽ سينيٽرن جو گڏيل اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نوازشريف پارٽي سان لاڳاپيل سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو گڏيل اجلاس 5 سيپٽمبر تي پنجاب هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، پارٽي جي ذريعن موجب اجلاس ۾ صدارتي چونڊ سان لاڳاپيل معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو، اجلاس ۾ پارليامينٽ سان لاڳاپيل مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن کي مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) وچ ۾ ٿيل تازين ڳالهين بابت اعتماد ۾ ورتو ويندو، ٻنهي پارٽين وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل گڏجاڻين ۾ هڪڙي گڏيل صدارتي اميدوار آڻڻ وارن امڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڳالهيون ٿيون آهن،