|
سرڪاري گاڏيون ۽ گهر اڃا اڳوڻي اسپيڪر امير حسين جي استعمال هيٺ،جاچ جو حڪم اسلام آباد(آن لائن) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا اڳوڻي اسپيڪر چوڌري امير حسين طرفان اسيمبلي سيڪريٽريٽ جون 2 گاڏيون ۽ پارليامينٽ لاجز ۾ سرڪاري گهر استعمال ڪرڻ جو سخت نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، اسيمبلي سيڪريٽريٽ ذريعن موجب چوڌري امير حسين پنهنجو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ به ڪجهه سرڪاري سهولتون استعمال ڪري رهيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته پارليامينٽ لاجز ۾ (ق) ليگ جي چيف وهپ ايم اين اي رياض حسين پيرزادي کي الاٽ ڪيل لاج نمبر ايف 201 چوڌري امير حسين پاڻ استعمال ڪري رهيو آهي، جڏهن ته رياض پيرزادو اسلام آباد ۾ پنهنجي ذاتي گهر ۾ رهي ٿو، ٻئي طرف اسيمبلي سيڪريٽريٽ جون گاڏيون آءِ ڊي ايم 4730 ۽ آءِ ڊي جي 7528 به چوڌري امير حسين جي استعمال هيٺ آهي، ڄاڻايل گاڏين کي استعمال ڪرڻ لاءِ هو ايڊيشنل سيڪريٽري چوڌري رفيق جون خدمتون حاصل ڪري ٿو، جنهن جي ملازمت جي مدي ۾ هن پنهنجي دور ۾ 4 ڀيرا واڌ ڪرائي. اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا کي معاملي کان آگاهه ڪيو ويو آهي، هن نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
|