|
|
|
نواز شريف جي نااهلي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نواز شريف جي نااهلي خلاف داخل اپيلن تي ٻڌڻي وفاق جي درخواست تي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي، نواز شريف جي وڪيل جو چوڻ آهي ته وفاق اجايو معاملي کي اينگهائي رهيو آهي، جسٽس موسيٰ ڪي لغاري چيو آهي ته اصل مسئلو درخواستگذار جي پيش ٿيڻ جو آهي، جسٽس موسيٰ ڪي لغاري، جسٽس زوار جعفري ۽ جسٽس فرخ محمود تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ نواز شريف جي نااهلي خلاف وفاق ۽ ٻين درخواستن تي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪئي آهي،
|