|
ڪيڏاري جهڙو قبرستان ۽ 4 اپريل! ڊاڪٽر آغا جاويد
فلسطين جي سرزمين وانگر هاڻي ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي زمين به شهيدن ۽ مظلومن جي سرزمين بڻجي چڪي آهي، جنهن تي جڏهن 4 اپريل جي پرهه ڦٽي تي هڪ فوجي هيليڪاپٽر ۾ بند پيتي ۽ تشدد جي شڪار ٿيل هڪ عظيم شهيد سورمي ۽ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم جو لاش سخت پهري ۾ آندو ويو، جنهن کي پنهنجي ڳوٺ ۽ پاڙيوارن کان لڪائي دفن ڪيو ويو. ائين ڳڙهي خدا بخش ڀٽو سڄي دنيا جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، جنهن ۾ هڪ شهيد جي مزار تي ماڻهو سوين ميلن کان پنڌ ايندا هئا ۽ گولين، لٺين ۽ ڳوڙها گئس جو شڪار ٿي ڦٽڪا کائيندا هئا پر شهيد ڀٽي جي مزار جي چوڌاري بيٺل ورديءَ جو پهرو عوام ۽ شهيد جي مزار جي وچ ۾ قائم دوري کي گهڻو وقت روڪي نه سگهيو. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ دفن عظيم شهيد ڏانهن سندس ننڍڙي پُٽ شهيد شاهنواز ڀٽو به سفر ڪيو، جنهن جو مڙهه سندس ڀيڻ شهيد بينظير ڀٽو کڻي آئي ۽ هزارين ماڻهن سان گڏجي ضياءَ مافيا هٿان قتل ٿيل ڀاءُ کي پنهنجي والد جي ڀر ۾ دفنايو. شهيد بينظير ڀٽو جي 88ع واري حڪومت جي خاتمي بعد سندس ٻي حڪومت ۾ کيس بهادر عظيم ڀاءُ جو لاش ڏنو ويو ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڏانهن ڪلفٽن جي هيليپيڊ تان هڪ ٻيو هيليڪاپٽر شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو گولين سان پروڻ ٿيل جسم کڻي روانو ٿيو. هيليڪاپٽر کي جيالا چنبڙي پيا، جيڪو ڀُٽي خاندان جو ٽيون لاش کڻي لاڙڪاڻي جي اسٽيڊيم ۾ لٿو. ڀٽو مخالفن هڪ ٻيو اسڪرپٽ لکي رکيو هو. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان کي معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان واپس آئي ته ان کي 18 آڪٽوبر 2007ع تي حملو ڪري قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، جيڪا ناڪامي ٿي. ٻيهر ساڳي سازش تحت 27 هين ڊسمبر 2007ع تي کيس شهيد ڪيو. بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري ڄڻ ته ملڪ جي قسمت کي شهيد ڪيو ويو، ڇو ته هن چيو هو ته هوءَ ملڪ ۽ هتان جي ماڻهن جي قسمت بدلائڻ آئي آهي. لکيل اسڪرپٽ موجب کيس شهيد ڪري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي سرزمين کي شهيدن جي سرزمين بڻايو ويو. ان ئي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي سرزمين تي جڏهن پ پ سنڌ جا اڳواڻ 18 آڪٽوبر تي ٿيل گمنام شهيدن جا لاش کڻي پهتا ۽ انهن کي ڀٽو شهيد جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو ته پوءِ اها سرزمين شهيدن جي هڪ وڏي بين الاقوامي سرزمين بڻجي وئي. اڄ جڏهن سال 2008ع جي 4 اپريل آئي آهي، تڏهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي سرزمين هڪ مڪمل نوحو بڻجي وئي آهي، جتي ڀٽو خاندان جي هڪ ئي گهر جا چار ڀاتي پيءُ، ڌيءُ ۽ ٻن پٽن ملڪ جي عوام جي خوشحالي، جمهوريت ۽ آمريت جي خاتمي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. جن هڪ تاريخ لکي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجو رت ڏنو. اڄ 4 اپريل تي شهيد بينظير ڀٽو خود پاڻ شهيدن جي قبرستان ۾ پنهنجي والد ۽ ڀائرن سان گڏ آرامي آهي ۽ ملڪ ۾ سندس پارٽي جي حڪومت آهي. اهڙي 4 اپريل غم سان گڏ هڪ اميد جو سج به ڏسي رهي آهي، ڇو ته شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن ۽ ڀٽو ازم جي تڪميل لاءِ ڪروڙين عوام سان گڏ انهن کي شهيدن جي طرفان مليل هڪ ڏاهي ۽ بهادر قيادت آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي روپ ۾ موجود آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي شهيد ماءُ جي گلن جي پتين ۾ ويڙهيل قبرستان ۾ بيهي ”جيئي ڀٽو“ جو نعرو هڻي شهيد ماءُ جي خوابن جي تڪميل کي مڪمل ڪرڻ جو وچن کڻي تعليم مڪمل ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف شهيد راڻي جو بهادر ساٿي آصف علي زرداري پڻ اهو چئي چڪو آهي ته کيس به ڳڙهي خدا بخش جي سرزمين ۾ دفن ڪجو. هو ڀٽو ازم جي مشن لاءِ جان ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڪهڙي خبر ته آمرن هن جي لاءِ به اهو ئي اسڪرپٽ لکيو هجي، جيڪو شهيد بينظير ڀٽو لاءِ لکيو هو. تاريخ جي ورقن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ آمر ايوب خان سان جنگ جوٽي ۽ هڪ آمر جي هٿان شهيد ٿيو. سندس وارث ڌيءُ ضياءَ آمر سان وڙهي ۽ هاڻوڪي نظام کي تبديل ڪرڻ واري جدوجهد ۾ ماري وئي. شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جهڙا بهادر پُٽ ۽ ڀائر به آمرن ۽ ان جي اتحادين هٿان شهيد ڪيا ويا. تاريخ ۾ آمرن سان ويڙهه جي ميراث هاڻي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي حصي ۾ آئي آهي. اڄ بينظير ڀٽو شهيد جي وصيت موجب سندس مڙس ۽ پُٽ هن جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ قافلي جي اڳواڻيءَ ۾ مصروف آهن. اڄ سال 2008ع جي هڪ نرالي تاريخ 4 اپريل آهي، جنهن ۾ آمريت سان ويڙهه جو هڪ نئون مورچو ۽ هڪ نئون وچن آهي. اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کي آصف علي زرداري جي ڇپر ۽ ڇانوَ جي سخت ضرورت آهي، ڇو ته ڀُٽو خاندان ۾ ٻيو ڪو به اهڙو شخص يا طاقتور ماڻهو موجود نه آهي، جيڪو ڀٽو ازم جي لاءِ جدوجهد ڪري. آصف علي زرداري کي عوام ان ڪري پنهنجو اڳواڻ ۽ ڀٽو ازم جو وارث سمجهي ٿو جو هن ان لاءِ هر طرح جون قربانيون ڏنيون آهن ۽ کيس تاريخ اهي ذميواريون سونپيون آهن ته هو شهيدن جي سرزمين ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۽ ملڪ جي ڪروڙين عوام جي ڇپر ۽ ڇانوَ بڻجي. 4 اپريل 2008ع جو اڄوڪو ڏينهن تاريخ جي هڪ نئين باب جي شروعات ڪندي آصف علي زرداري ڏانهن مسلسل نهاري رهيو آهي ته هو به نظام جي تبديليءَ واري جنگ ۾ ائين مصروف آهي، جيئن ڀٽو خاندان جي هڪ گهر جا چار شهيد جنگ ۾ مصروف ۽ سازشن جو شڪار هئا. محترمه جي شهادت کان پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو هڪ ڪيڏارو بڻجي ويو آهي، ۽ اڄ 4 اپريل تي ان ڪيڏاري جي گونج سڄي ملڪ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي. |