اڄ به ڀٽو زندهه آهي! صوفي لالچند

 

ڪيوبا جي مردِ مجاهد فيڊل ڪاسترو هڪ دفعو پنهنجي انقلابي ساٿاري چي گويرا لاءِ تاريخ کي جنجهوڙيندڙ جملو چيو ته، ”چي گويرا لاءِ زمان ماضي استعمال نٿو ڪري سگهجي“ يعني چي گويرا هو، نه پر چي گويرا موجود آهي. ملڪ جي فضائن ۽ هوائن ۾ اڄ جڏهن ننڍي وڏي ٻار ٻچي جي واتان ”ڪالهه به ڀٽو زندهه هو، اڄ به ڀٽو زندهه آهي“ وارو نعرو ٻڌجي ٿو ته مون سميت اڪثريت جي اها راءِ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي پڻ وقت جي آمريت ۽ آپيشاهي ماضيءَ جو حصو نه بڻائي سگهي. ذوالفقار علي ڀٽو هڪ نئين سگهه، سوچ ۽ حڪمت عملي سان اڄ به اسان جي وچ ۾ موجود آهي.

ڀٽو صاحب جيڪو پنهنجي سياست کي ”ڪجهه عشق، ڪجهه شاعري“ جو امتزاج ڪوٺيندو هو، حسن ۽ همت جو اهو ميلاپ يقين سان گفتار، لهجي ۽ ڪردار ۾ نمايان نظر ايندو هو. ڀُٽي صاحب جو هڪ چيل جملو اڄ به تاريخ جي مک تي مرڪ جيان موجود آهي ته ”انقلاب تاريخ جي انڊلٺ آهي“ هن تبديلي کي ست رنگ سڏي هڪ مصور ۽ شاعر واري ترڪيب ڪتب آندي. هن زندگي جي درد، خوشي، اتساهه، همت، ويڙهه، مقابلي ۽ بيخوفي کي رنگن جو عنوان ڏنو. سندس عوامي محبت جي شاعراڻي ڪٿا اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ آهي. جيڪي ماڻهو لوڪ چوڻين، شادي جي ڳيچن ۽ درد جي نوحن ۾ ذڪر هيٺ ايندا آهن، انهن جي عظمت جي وهڪري اڳيان ڪو به بند نٿو ٻڌي سگهجي.

پنهنجي قيد وارن ڏهاڙن ۾ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ ٻڌڻي دوران هڪ ڏينهن ڀُٽي صاحب سرڪاري وڪيل اي ڪي بروهي کي للڪاريندي چيو ته، ”بروهي! ڀٽائي جو راڻو آئون آهيان، مومل آئون ماڻيندس.“ واقعي هن منزل کي مومل وانگي ماڻيو ۽ ڀٽائي جي لفظن ۾ ”مرڻ مون سين آءُ، پٺيءَ تو پنڌ ڪريان.“ ڀٽو صاحب موت جي ڪميت گهوڙي جو ارڏو سوار هو، هن رڪيبن ۾ پير وجهي ۽ وهٽ کي اڙي هنئي ۽ آسمانن ۾ اڏامندو ويو. هن سوريءَ کي سرهي سيج وانگي محسوس ڪيو ۽ شادمانن سان رخصت ٿيو. ڀٽو صاحب تاريخ جو گهرو شاگرد هو، تاريخ جو ادراڪ رکڻ هڪ الڳ ڳالهه آهي پر خود تاريخ جو ورق ٿيڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. ڀٽي صاحب جي سحر انگيز شخصيت جا ڪئين پاسا آهن، اچو ته سندس نمايان ڪارنامن جو ڪجهه ذڪر ڪريون.

پاڪستان جي سياسي ۽ آئيني سڌارن جي حوالي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪردار سڀني کان شاندار آهي. هن ماضيءَ جي سياسي غلطين ۽ ايوب خان جي من پسند آئين جي ردعمل ۾ ملڪ کي 1973ع جي آئين جي صورت ۾ هڪ اهڙو نظام ڏنو، جنهن تي ملڪي تاريخ ۾ شايد پهريون مڪمل اتفاق راءِ ٿيو. ملڪ جي لڳ ڀڳ سمورين سياسي، مذهبي، قومپرست پارٽين ان نئين آئين جي حمايت ڪئي پر بدقسمتي سان اڄ ڏينهن تائين آئين جي مڪمل طور تي پاسداري ڪرڻ بدران سدائين ان جي شڪل بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي به ذوالفقار علي ڀٽو شهيد هڪ اهڙي صورت ڏني، جيڪا ماضي ۾ ڪڏهن به نظر نه آئي هئي. ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هڪ اهڙي پرڏيهي پاليسي جي ضرورت هئي، جنهن ۾ پاڻڀرو ٿيڻ، قومي تشخص کي بنيادي حيثيت ۾ رکڻ ۽ قومي مفادن جي بنياد تي اڳيان وڌڻ بنيادي نقطن ۾ شامل هجڻ گهربا هئا. پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان اڳ وارين حڪومتن ان پاسي ڪو گهڻو ڌيان نه ڏنو، جنهن جو هڪ وڏو سبب اهو هو ته اهي حڪومتون عوامي نه هيون، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ کي هڪ شاندار شڪل ۾ سامهون آندو، جنهن ۾ هڪ طرف پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا رکڻ ته ٻئي طرف سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن سان دوستي ۽ احترام وارا لاڳاپا رکڻ شامل هو، جڏهن ته عالمي طاقتن جي آڏو جهڪڻ بدران برابري جي بنياد تي اڳيان وڌڻ جو وعزم به شامل  هو. نه رڳو ايترو پر پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ لاءِ ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو ته لاهور ۾ اسلامي ڪانفرنس جي موقعي جي سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۽ پاڪستان جي اهميت کي تسليم ڪيو. جيڪو چراغن جو سلسلو ڀٽي صاحب پنهنجو رت ڏئي روشن ڪيو هو، روشني جي ان سفر ۾ شاهنواز ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو رت به شامل آهي، جيڪو آمريت جي انڌيري کي هن ملڪ مان تڙيندو رهيو آهي. سر ڏيڻ جي هن سودي ۾ ملڪ جي عوام به پنهنجي محبت جو جواب سدائين پنهنجو رت وهائي ڏنو آهي. محترمه بينظير ڀٽو ”هر گهر مان ڀٽو نڪرندو“ وارو نئون نعرو متعارف ڪرايو هو، ان هڪ فرد کي پوري قوم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن سڄي نئين صورتحال ۾ صوفين جو اهو مول متو سمجهه ۾ اچي ٿو ته، ”جز ڪيئن ڪُل جو حصو آهي“، يعني جز ڪل ۾ ڪئين تبديل ٿيندو آهي. اڄوڪي عوامي سياست جو اهو صفا سادو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ اصول آهي ته ڪو به عام ماڻهو ڀٽو ٿي سگهي ٿو، يعني حق جي راهه ۾ جيڪو به سر جو سانگو لاهي ۽ سير ۾ گهڙي ته اهو ان قطار ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، جنهن قطار ۾ ذوالفقار علي ڀٽو بيٺل آهي.