لياريءَ ۾ گينگ وار جو  خاتمو ڪڏهن ٿيندو؟

ذوالفقار ٻگهيو

لياري جي علي محمد محلي جي هڪ ٻن رهواسين چيو ته، ”سائين هاڻي اسان کي ته ڇا پر ننڍڙن معصوم ٻارڙن جي ڪنن کي به گولين جي آواز ٻڌڻ جي ايتري هير پئجي وئي آهي، جو جيستائين رات جو گولين جو آواز نٿا ٻڌن، تيستائين انهن کي ننڊ نٿي اچي.“ علي محمد محلو، جيڪو لياري جو هاڻي آخري علائقو بچيو آهي، جنهن کي رحمان ڊڪيٽ گروپ فتح ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي ۽ ٻن ڏينهن کان اهو علائقو ميدانِ جنگ بڻيل آهي، تنهن علائقي ۾ رهندڙ ٻارڙن کي ننڊ لاءِ گولين جي آواز ٻڌڻ جي هير پئجي وڃڻ وارو جملو ڏاڍو سادگي سان چئي ته ڇڏيو، پر مان سوچڻ لڳس ته اهي معصوم ٻارڙا جيڪي ڇتي فائرنگ، هينڊ گرنيڊن جي ڌماڪن جي آواز تي مٺڙي ننڊ سمهن ٿا، انهن جي جواني جو صبح ڪهڙو هوندو؟ وڏا ٿي هو ڇا ٿيندا؟ گولين جي آواز تي ننڊ ڪندڙ انهن ٻارڙن جي رانديڪن ۾ به يقيني جهنجهڻا، گڏا گڏيون يا کيڏڻ لاءِ ڪي ٻيون شيون نه پر نقلي پستول هوندا ۽ جيئن ئي وڏا ٿيندا ته الله نه ڪري پر صورتحال مان لڳي ٿو ته وڏا ٿي نقلي پستولن بجاءِ اهي اصلي پستولن سان کيڏندا ۽ انهن جي اها راند اڄوڪي صورتحال کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندي، ڇو ته مون لياري کي گهڻي عرصي کان ڏٺو آهي، ڪالا ناگ ۽ بابو ڊڪيٽ جو به دور هو، پر انهن ڏينهن ۾ اڄ جهڙي صورتحال نه هئي. گينگوار ۾ ائين بيڏوهي نه ماريا ويندا هئا، پر جڏهن کان لياري ۾ ڏوهارين جي نئين جنريشن رحمان ڊڪيت ۽ ارشد پپو جي صورت ۾ گادي سنڀالي آهي، تڏهن کان هزارين ماڻهو لياري ۾ قتل ٿيا آهن. لياري جو ڪو روڊ ۽ ڪو علائقو محفوظ ناهي، گينگ وار ۾ ملوث ٽولي جا هٿياربند ته هڪٻئي هٿان ماريا وڃن ٿا، پر عام ماڻهو، عورتون ايتري تائين جو معصوم ٻارڙا به هن خونريز ويڙهه ۾ نه بچي سگهيا آهن. علائقن جا علائقا هٿياربندن وٽ يرغمال بڻيل آهن، هڪ علائقو رحمان ڊڪيت جو آهي ته ٻيو وري ارشد پپو جي هٿياربندن جي قبضي ۾ آهي، حڪومت جي رٽ ڪٿي آهي؟ پوليس جو ڪنٽرول ڪهڙي علائقي تي آهي؟ سياسي پارٽيون ڪٿي آهن؟ انهن سوالن جا جواب ڪنهن وٽ به ناهن.

                هن حڪومت کان اڳ واري حڪومت هڪ گروپ کي سپورٽ ڪندي رهي ۽ ان گروپ کي مختلف علائقن تائين پهچائڻ ۾ پوليس جي مدد حاصل رهي. جيئن ئي حڪومت تبديل ٿي ته سپورٽ به تبديل ٿي وئي. هٿياربندن جي ته سپورٽ ٿئي ٿي، پر لياري جي عوام جي سپورٽ جو سلسلو آخر ڪڏهن شروع ٿيندو؟ لياري گينگ وار ۾ ملوث هنن دهشتگرد گروپن جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لياري ڪراچي جو اهو واحد علائقو هوندو هو، جيڪو امن سبب سڄي رات کليل رهندو هو. سڄي رات هوٽلن تي ويهي ماڻهو ائين ڪچهريون ڪندا هئا، جيئن ڳوٺن ۾ اوطاقن تي ٿينديون هيون پر هاڻي جيئن ڳوٺن ۾ بدامني سبب اوطاقون ويران آهن، تيئن ئي لياري مان به رات جون روشنيون ختم ٿي ويون آهن. علائقي ۾ بدامني سبب صبح جو ماڻهو ملازمت تي دير سان وڃن ٿا، ڇو ته فائرنگ جو سلسلو بند ٿيندو ته هو گهرکان ٻاهر نڪري سگهندا. شام يا رات جو گهر موٽڻ وقت اهي ملازم ۽ مزدور گهر وارن کي فون ڪري پهريان اهو پڇندا آهن ته ”علائقي جي صورتحال ڇا آهي، فائرنگ جهڪي ٿئي ته ٻڌايو ته پوءِ گهر پهچون.“ اها آهي اڄوڪي لياري جي صورتحال، پر حيرت انگيز طور تي اهڙي بدامني باوجود ارڙهين فيبروري تي لياري واسين ”دلان تير بجان“ واري گاني تي نچندي جان جي پرواهه نه ڪندي پولنگ اسٽيشن تي پهچي تير تي ٺپا هڻي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنا ۽ انهن ووٽن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت قائم ٿي. واقعي اڃا صرف  هڪ مهينو ئي مس ٿيو آهي، پر ان هڪ مهيني ۾ لياري واسين کي ڇا مليو آهي؟ ملازمتون، صاف پاڻي، صفائي سٿرائي وارن مامرن ۾ ته يقينن وقت لڳندو، پر امن امان ته ان هڪ مهيني ۾ به ڪرائي سگهجي پيو ۽ سڄي سنڌ جي رهواسين وانگي لياري واسين جو اهو حق به آهي. اهو حڪومت کي سوچڻو آهي ته اها لياري ۾ امن آپريشن ذريعي ڪرائيندي يا هٿياربند گروپن سان ڳالهين ۽ عام معافي ڏئي کين صحيح رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندي، پر سوال اهو آهي ته آخر اهو عمل شروع ڪڏهن ٿيندو؟

                لياري گينگ وار ۾ ملوث ٽولن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڀيرا پوليس آپريشن جون ڪوششون ڪيون ويون، پر اهي هڙئي ناڪام ويون. اڄڪلهه جيڪو پوليس آفيسر عمران شوڪت ايس پي لياري ٽائون مقرر ڪيو ويو آهي، اهو ڪجهه سال اڳ سائيٽ ٽائون جو جڏهن ٽي پي او هو، تن ڏهاڙن ۾ مون کي ياد آهي ته ارشد پپو جي پاڪ ڪالوني جي جان آباد واري علائقي ۾ آپريشن ڪري ارشد پپو کي گرفتار ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي هئي. هن پنهنجي پر ۾ ان آپريشن کي ڳجهو رکيو، سڄي شهر جي هر ٽائون مان نفري گهرائي وئي پر ڊي ايس پيز کي به اهو نه ٻڌايو ويو ته ڪهڙي علائقي ۾ آپريشن جي تياري ڪئي پئي وڃي، يا ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي هر ٽائون مان نفري گهرائي وئي آهي. پوءِ پوليس جون بڪتربند گاڏيون توڙي پوليس موبائيلون جڏهن سائيٽ ٿاڻي تي گڏ ٿيون ۽ هڙئي اهلڪارن کي بُليٽ پروف جيڪٽ پائڻ لاءِ چيو ويو ته ان وقت ايس پي عمران شوڪت کي ارشد پپو پاڻ موبائيل تي فون ڪري چيو ته جنهن علائقي ۾ آپريشن ڪري تون مون کي گرفتار ڪرڻ پيو وڃين، ان علائقي ۾ مان آهيان ئي ڪو نه...!! سڀ پوليس آفيسر خاص طور آپريشن جو انچارج ايس پي عمران شوڪت مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو، آپريشن ملتوي ڪري آفيسر ان جاچ ۾ لڳي ويا ته آپريشن کي ايترو ڳُجهه ۾ رکڻ باوجود آخر ارشد پپو کي خبر ڪيئن پئي ته سندس گرفتاري لاءِ پوليس ڪارروائي ڪرڻ واري آهي! جاچ مان خبر پئي ته لياري ۽ سائيٽ ٽائون سميت ڪراچي جي 16 پوليس ٿاڻن تان ارشد پپو کي پوليس وارن فون ڪري اڳواٽ ئي هن ڳجهي پوليس آپريشن بابت اطلاع ڏئي ڇڏيو هو. هن قصي جو مطلب پوليس جي ڳجهه ۽ پوليس جي ڏوهارين سان ٻٽ هجڻ واري حقيقت بيان ڪرڻ هو. ساڳو ايس پي آهي، رڳو علائقو سائيٽ نه پر لياري آهي ۽ جهڙو آپريشن هن اربع ڏينهن ڪيو هو، اهڙا آپريشن سئو کن ڪيا وڃن ته به ڏوهارين جو خاتمو ممڪن ناهي، ڇو ته پوليس بڪتر بند گاڏين ۾ به علائقي ۾ ڪجهه ميٽر اندر وڃڻ کانپوءِ موٽي پنهنجي جان بچائي.

                هاڻي سوال اهو آهي ته پوليس آپريشن به نه، ته پوءِ آخر هي ڇا آهي؟ ته ان جو جواب ته حڪومت ۽ لياري  جي اڪثريتي پارٽي پاڻ ڳوليندي، پر منهنجي خيال ۾ جيئن لياري جو مسئلو پيچيده ۽ گهڻا رُخو آهي، ساڳي طرح ان جو حل به هڙني رُخن تي ڪم ڪرڻ سان ممڪن آهي. سڀ کان اول ته لياري ۾ اسلحي جي رسد بند ٿيڻ گهرجي. پوليس جو انفارميشن نيٽ ورڪ بهتر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ٽولن ۾ ڪم ڪندڙ انهن نوجوانن کي عام معافي ڏئي ملازمتون ڏنيون وڃن، جيڪي ڪنهن ڪيس ۾ نامزد ناهن. سڄي لياري لاءِ ملازمتن جو پئڪيج ڏنو وڃي، صفائي سٿرائي کان وٺي سرڪاري سطح تي فٽبال ۽ باڪسنگ سميت لياري واسين جي پسند وارين راندين جي ميچن جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ۽ لياري ۾ جيڪي پوليس وارا مقرر ڪيا وڃن، اهي اتان جا رهواسي هجن ته جيئن اهي پوليس جي رٽ قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن. اهي پاليسيون شايد لياري ۾ امن لاءِ پهرين وک ثابت ٿين، پر ڇا ائين ٿيندو؟

zulfibughio@yahoo.com