ڪجهه پاڻ به اڳڀرا ٿينداسين؟

پروفيسر نظير پٺاڻ

 

                انساني ارتقا جو تصور عمل کان سواءِ ممڪن ئي نه آهي، پوءِ اها ارتقا يا سڌارو ۽ واڌارو انفرادي هجي، گروهي هجي يا اجتماعي ۽ بين الاقوامي. ان ترقيءَ جا رخ به مختلف۽ گهڻ طرفا هجن ٿا. انسان جي هن ڌرتيءَ تي پهرينءَ دانهن يا رڙ کي سندس بک جي دانهن سان تعبير ڪيو ويندو آهي، ان ڪري ئي کيس ماءُ  جي ٿڃ يا ڪن حالتن ۾ ماکي چٽائي، سندس اها بک ختم ڪئي ويندي آهي ۽ ايئن هو پرسڪون ٿي ويندو آهي. ڪجهه ڏاهن جو خيال آهي ته انسان جي اها دانهن ماءُ جي پيٽ واري پرسڪون ۽ روحاني دنيا ڇڏڻ ۽ حقيقتن جي پرخار ۽ پراسرار دنيا ۾ پير پائڻ سبب هوندي آهي. بهرحال ان حقيقت کي پوءِ به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي ته ڪو به جاندار بنا کاڌ خوراڪ جي پنهنجي جسم ۽ روح جو رشتو قائم رکي نٿو سگهي. زندگيءَ کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ غذا بنيادي اهميت رکي ٿي. ٻيءَ صورت ۾ سڄي وجود جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويندو. خوراڪ گهٽ هجڻ ڪري جاندار  جي جسم، ذهن ۽ جذبات توڙي تخليقي صلاحيتن تي ان جا منفي اثر پون ٿا ۽ ان جي واڌ ويجهه ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. تنهن ڪري ئي چيو ويو آهي ته ”ڍوَ بنا ڍولا، ناهي ساڃهه سونهن جي.“ اها بلڪل حقيقت آهي ته سونهن جي ساڃهه به بکئي پيٽ سان نٿي رهي. جڏهن ته اها ساڃهه ۽ سونهن ئي آهي، جيڪا اصل ۾ انسان جي تخليق جو مقصد ۽ انساني جدوجهد جي اوج ۽ ڪمال جي اڻٽر منزل آهي. ”يه زندگي تمام هي ابهي...“ وانگر اهو  چڪر ۽ سلسلو جاري آهي ۽ جاري رهندو.

                فطرت جو اهو قانون صرف ساهه وارن يا جاندار جيون سان ئي لاڳو نٿو ٿئي، پر سماج، معاشري ۽ ملڪن سان به لاڳو رهي ٿو. ڇو ته ملڪ ۽ خطا به جاندار وجود رکن ٿا، جيڪي وقت بوقت وڌڻ ويجهڻ ۽ ترقيءَ جي سگهه رکن ٿا. ڪمزور ٿيندي ٿيندي فنا به ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن انهن جي پرورش پوري ڌيان، معيار ۽ وقت اندر نٿي ڪئي وڃي. ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي ترقيءَ جو دارومدار اتان جي طرزِ حڪومت تي هوندو آهي، جيڪا انهن لاءِ غذا ۽ خوراڪ جو ڪم ڪندي آهي. سماجي  علمن جي ڄاڻن ۽ تاريخدانن جو چوڻ آهي ته جن ملڪن وقت ۽ حالتن جي ضروت مطابق حڪومتي طور طريقا نه مٽايا، اهي يا ته گهربل ترقي حاصل نه ڪري سگهيا يا ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ بلڪل پٺتي رهجي ويا. هميشه لاءِ ڳيجهو ۽ بي وقعت رهندي، اهي ڀانت ڀانت جي سياسي، اخلاقي، سماجي، جذباتي ۽ روحاني ذلتن جو شڪار ٿيندا رهيا. طرز حڪومت ۾ حقِ حڪمراني طئي ٿيل هوندو آهي، ته اصل واڳ ڌڻي ڪير  هوندو.  اهو ئي معاشري جي ريتن، رسمن، رواجن ۽ روايتن کي وجود ڏيندو، عوام جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪندو آهي. اهو ئي ملڪ جو نظام سڏبو آهي ۽ اهو ئي ماڻهن جو ڪلچر ٿي پوندو آهي، پوءِ ڀلي مٿن  زبردستي ڇو نه مڙهيو ويو هجي.

                انساني ارتقا جي مختلف دورن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته اڻ گهڙيل ۽ ڌنارڪي دور کان ٿيندي، موجوده ترقي يافته دور تائين، مختلف مرحلن ۾ مختلف طبقا پنهنجيءَ طاقت، وسيلن، چالاڪين ذريعي پنهنجا مفاد حاصل ڪندا رهيا آهن يعني طبقاتي حڪومتون قائم ڪندا رهيا آهن. لکيل تاريخ جي دور کان به اڳ پنهنجن ٽولن جا سردار پنهنجيءَ طاقت جي زور تي ان ڇڙواڳ گروهه کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، ٻين ٽولن جي اناج، مال متاع، جانورن جي ڦرمار ڪندي، عورتن ۽ ٻارن کي غلام بنائيندي، پنهنجي سرداري قائم رکندا هئا، جنهن جو ٿورڙو حصو ان داداگير ۽ قبضاگير گروهه ۾ ورهائي کيس مطيع ۽ طابع رکندا هئا. اهڙيءَ طرح قديم دور ۾ ”ڪجهه ماڻهن“ پنهنجي هڪ هٽي قائم  رکڻ لاءِ مذهبي طرز حڪومت قائم ڪندي، وهمن، ٽوڻن ڦيڻن، منترن ۽ غلط روين کي عام ڪيو ته جيئن ماڻهو وٽن ڦاٿل رهن ۽ مذهبي طبقي جا اڳواڻ پنهنجي مٿڀرائي قائم رکندي مزا ماڻيندا رهن. ان دوران امير ۽ دولتمندن ۽ ٿورڙو گهڻو هوش ۽ عقل رکندڙ اعليٰ طبقي ڪافي جدوجهد ۽ ويڙهه کان پوءِ اهڙن ٽولن کان واڳون ڦري، پنهنجون بادشاهيون قائم ڪيون. ان جنگ و جدل دوران وڙهندڙ ماڻهن (لشڪرين) ڏٺو ته هو ته ٻين جي جنگ وڙهي رهيا هئا. ڇو نه هو پاڻ ئي حڪومتن تي قبضو ڪري اقتدار ۽ مال ملڪيت هٿ ڪن. ايئن ئي جنگجو ۽ طاقتور ڌرين طرفان فوجي آپيشاهيون قائم ٿينديون ويون. اهو سلسلو تاريخ جي مختلف دورن کان ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان دنيا ۾ اڄ ڏينهن تائين جاري رهندو پيو اچي.سواءِ ان خطي جي جتي علم، سائنس، آگهي جنم ورتو، جيڪي اڄ ترقي يافته ۽ سڌريل سماج سڏجن ٿا، جتان جا ماڻهو حقِ حڪومت ۽ حقِ حڪمرانيءَ سان گڏ پيداواري ذريعن جا ڪافي حد تائين مالڪ بڻجي، هڪ نئون سماج ۽ نئون نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

                اسان جي ملڪ جي تاريخ تي مٿاڇري نظر وجهڻ سان به اسان جا هوش خطا ٿيو وڃن، ته ڪيئن نه حڪمرانن، وڏين قربانين کان پوءِ حاصل ٿيل ملڪ جي ماڻهن کي بدحال ڪري، بکيو ۽ ڏکيو رکيو. مٿان وري ستم اهو ته کين هر حڪمران ملڪ دوستي، اڃا وڌيڪ قربانين، ملڪي مفاد، ملڪي سالميت، وحدت جا ڀاشڻ ڏيئي، نين مصيبتن سهڻ لاءِ تيار رهڻ جي ”تلقين“ پئي ڪئي آهي. اهو سڀ هڪ خيالي ۽ اڻ ڏٺل ٻاهرين ۽ اندرئين دشمن جي اوٽ ۾ ڪيو ويو ۽ سرحدن جي محافظن ۽ هٿيار ڦٽا ڪندڙن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بي حساب اوڌر کنئي ويئي. نتيجي ۾ لشڪر مضبوط ۽ صوفي منش سنڌين، بولان ڄاول بهادرن، پنجن درياهن جي پٽن، پختون خواهه جي پهاڙين کي گروي ۽ يرغمال ڪيو ويو، ملڪ جي اصلي طاقت ۽ مالڪ عوام انهن جي ليڊرن کي غدار، ايجنٽ، ملڪي نظريي جو مخالف ۽ دين کان دور جهڙن خطابن سان نوازيو ويو. ڳالهه اتي به ختم نه ٿي. قومن جي حقيقي سڄاڻ، سورهيه سرواڻن کي قيد ۾ بند رکڻ، وطن ڇڏڻ ۽ انڪار ڪرڻ تي ڦاهين تي ٽنگڻ ۽ قتل ڪرڻ جهڙا مڪروهه فعل به سرانجام ڏنا ويا. ڊيڄو، مفاد پرست ۽ مستقل مفاد رکندڙ ٽولي کي عوام مٿان ٿاڦي، ”روشن خيالي“ ۽ ”وچٿرائي“ جي دوکي سان دنيا کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

                مقدس ڪتاب چوي ٿو ته ”الله تعاليَ ان قوم جي حالت ڪڏهن به نه بدلائيندو آهي، جيڪا تبديليِءَ لاءِ پاڻ ناهي پتوڙيندي.“ زماني جي تاريخ، دنيا ۾ آيل اٿلون پٿلون ۽ انقلاب به ان اڻٽر ۽ پرکيل قانونِ قدرت جي شاهدي ڏيندي ۽ پوئواري ڪندي پيا نظر اچن. ڇا اسان ان قانونِ فطرت کي سمجهندي، پنهنجي مجرمانه غفلت، روايتي ڪاهلي ۽ اذيت ڏيندڙ بي حسي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿينداسين!؟ گذريل ٻن صدين کان حڪمرانن طرفان روايتي بري ڪلچر، اجتماعي اوپرائپ ۽ بي عمل توڪل جي سوکڙي طور مليل ناسور مان جند ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه پاڻ به اڳڀرا ٿينداسين؟ ۽ جي ها ته اڃا ڪڏهن ٿينداسين؟!. جڳ مشهور سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن پنهنجي هڪ دانشورانه مضمون ۾ لکي ٿو ته ”اسين سڀ ٻين جي پورهئي ۽ محنت تي پلجندڙ جيوَ (Parasite) آهيون، جيڪا  شرم جي ڳالهه آهي“. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”هي سموري شعوري، علمي ۽ مادي ترقي جنهن مان اسين فائدو وٺي رهيا آهيون، ان ۾ اسان جو ذري جيترو به حصو نه آهي. تنهن ڪري گذريل نسل جي قرض لاهڻ لاءِ اسان تي لازم آهي ته اهڙو ۽ ايترو ڪجهه تخليقي عمل ڪري وڃون، جنهن مان ايندڙ نسل اتساهه ۽ لاڀ حاصل ڪري“. ڇا اسان هڪ ٻئي مان اهڙن عملن، تخليقي ڪمن ۽ هاڪاري سوچ جي اميد ڪريون؟.