نمائندن وٽان

توانا پاڪستان پروگرام ۾ 42 ڪروڙن جو غبن،شوڪت عزيز ۽ زبيده جلال کان وضاحت  طلب

اسلام آباد(رپورٽ: ايم  بي سومرو) سينيٽ جي سماجي ڀلائي ۽ خصوصي تعليم جي ڪاميٽي توانا پاڪستان پروگرام ۾  42 ڪروڙ جي بيقاعدگين  جي نشاندهي تي اڳوڻي  وزيراعظم، ٻن وفاقي وزيرن، سيڪريٽرين ۽ آفيسرن  کي وضاحتي بيان لاءِ  23 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي، سينيٽ جي سماجي ڀلائي ۽  خصوصي تعليم جي  ذيلي ڪاميٽي جو  اجلاس سينيٽر انور بيگ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ اجلاس دوران سماجي ڀلائي ۽ خصوصي تعليم جي اڳوڻي سيڪريٽري عليم محمود ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته توانا  پاڪستان پروگرام تحت   29 ضلعن اندر  5  لک کان وڌيڪ شاگردن کي کاڌو  ۽ دوائون فراهم ڪرڻيون هيون، ان  پروگرام جي پي سي ون مڪمل نه ٿي هئي، پر  20 ڏينهن دوران  60  ڪروڙ مان  18 ڪروڙ کاڌي ۽ دوائن جي مد ۾ خرچ ڪيا ويا، 42 ڪروڙ رپين جو رڪارڊ موجود ناهي. هن چيو ته توانا پاڪستان پروگرام ۾ ڏيکاريل ڪيترائي  اسڪول علائقن ۾ موجود ئي نه  هئا. پاڪستان بيت المال جي چيئرمين زمرد خان ڪاميٽي کي ٻڌايو ته   60 ڪروڙ مان 18 ڪروڙ خرچ ٿيا، باقي رقم  خرد برد ٿي، جڏهن ته  اجلاس دوران ڪاميٽي اڳيان اها به ڳالهه سامهون آئي ته  42 ڪروڙ رپين جو کاتي وٽ رڪارڊ ئي ناهي، پئسن جي ادائگي ڪراس چيڪ بدران ڪيش صورت ۾ ڪئي وئي،  سينيٽر ڪلثوم پروين جي ڌيءُ   شازيه پروين کي هن پروگرام تحت ماهوار  5 هزار  رپيا پگهار  تي مقرر ڪيو ويو، پر ڪجهه مهينن اندر سندس پگهار 40 هزار مقرر ڪئي وئي،  جنهن ڪري شازيه  پروين کي 73 لک رپيا پگهارن جي مد ۾ ڏنا ويا، جڏهن ته توانا پاڪستان پروگرام جي ڊائريڪٽر عرفان الله خان کي غيرقانوني طور تي مقرر ڪيو ويو،  اداڪار فردوس جمال کي اشتهارن جي ڊزائين جي مد ۾ اڍائي ڪروڙ رپين جي ادائگي ڪئي وئي، جڏهن  ته زبيده جلال ان پروگرام مان   36 لک رپين جو منرل واٽر پيتو آهي، اهڙي صورتحال سامهون اچڻ بعد سينيٽ جي سماجي ڀلائي ۽ خصوصي تعليم واري ڪاميٽي اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، وفاقي وزير رهندڙ زبيده جلال، عطيه عنايت الله، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين اڪرم شيخ، اداڪار فردوس جمال، عرفان الله، شازيه پروين سميت لاڳاپيل ماڻهن کي 23  آگسٽ تي  طلب ڪري ورتو آهي،  ڪاميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سينيٽر   انور  بيگ   صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جو ڪاميٽيءَ اڳيان  پيش ٿيڻ ضروري آهي.