قمبر (ن ڪ)

ٺل پوليس  جي شهر جي هوٽلن تي چڙهائي، 30 ڄڻا کنڀي وئي

ٺل(ن ڪ) ٺل تعلقي جي سمورن ٿاڻن جي پوليس ايس پي او ٺل ايوب جوڻيجو جي  اڳواڻي ۾ هوٽلن ۽ مک چوڪن تي  چڙهائي ڪري شڪ جي بنياد تي  مبارڪ علي بنگلاڻي، مبارڪ نندواڻي، لعل محمد بنگلاڻي، ممتاز، احسان، سرور ٻرڙو، منير احمد، شير محمد جروار ۽ سرور جمالي سميت  30 ڄڻن کي گرفتار ڪري  لاڪپ ڪري ڇڏيو،جڏهن ته پوليس ڪاغذ نه هجڻ سبب 3 موٽرسائيڪلون پڻ ٿاڻي تي ڪاهي وڃي  بيهاري ڇڏيون.ايس ايڇ او ٺل موجب گرفتار ٿيلن تي ڪو به ڪيس داخل نه هوندو ته کين  ڇڏيو ويندو.