|
بجيٽ جو 70 سيڪڙو دفاع نالي ۾ خرچ ڪرڻ انساني حقن خلاف آهي:پليجو حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو آهي ته جيڪو ماڻهو ججن جي بحالي ۾ رڪاوٽ آهي، اهو آمريت ۽لاقانونيت جو مددگار آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيوته ملڪي بجيٽ جو ستر سيڪڙو دفاع جي نالي ۾ خرچ ڪرڻ انصاف ۽ انساني حقن جي سراسر خلاف آهي، هن چيو ته عوامي جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي واري نظام لاءِ آزاد ۽ مضبوط عدليا جي بحالي هر صورت ۾ لازمي آهي، جنهن کانسواءِ نه صرف چيڪ ۽ بيلنس رهي نه سگهندو پر سماج تي غالب ڪامورن، وڏيرن، پيرن ۽ سردارن جي ملڪ مٿان قبضي کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪئي ويندي. |