قمبر (ن ڪ)

يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه،دالين ۽ اٽي تي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي سرڪار يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن لاءِ 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا رکيا آهن، يوٽيلٽي اسٽور تي وڪرو ٿيندڙ گيهه لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپين جي سبسڊي، دالين جي وڪري لاءِ 50 ڪروڙن جي سبسڊي، اٽي جي وڪري تي 50 ڪروڙ رپين جي سبسڊي، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ شين جي اگهن تي ڪنٽرول لاءِ 20 ڪروڙ رپين جي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.