ڪنري
(ن
ڪ) |
|
هالا ۾ 2 ڀينرن واري واقعي سياسي رخ اختيار ڪري ورتو:ڊپٽي اسپيڪر جي مداخلت تي مخدوم جميل جو احتجاج هالا (ن ڪ) هالا ۾ ٻن نوجوان ڀينرن رشيده ۽ ماجده پاران ٻن ٻارڙن ۽ ٻن ڀائرن سميت پنهنجن ئي چاچن ۽ سئوٽن خلاف دانهڻ توڙي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا پاران ڀٽ شاهه پهچي متاثر ڀينرن سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ڄاڻايل مامرو هڪ پاسي سياسي رخ اختيار ڪري ويو آهي، ٻئي طرف ٻنهي ڀينرن جي پيءُ پيرسن امان الله شيخ سميت ڏاڏي، چاچا ۽ ٻيا سمورا گهرڀاتي توڙي عزيز هڪ پاسي ۽ ٻئي ڀينرون ٻن ڀائرن سميت ٻئي پاسي ٿي ويون آهن، هوڏانهن صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان ڊپٽي اسپيڪر جي ڀٽ شاهه آمد ڄاڻايل معاملي ۾ مداخلت توڙي هالا ۾ پوليس ڪارروائي تي سخت احتجاج ڪيو آهي، رابطو ڪرڻ تي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان چيو ته ڄاڻايل معاملو منهنجي تڪ جو هو، جنهن جو مون اڳ ۾ ئي نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي حيدرآباد کي سختي سان هدايت ڪئي هئي ته هو واقعي بابت کيس رپورٽ پيش ڪري، جنهن بعد ڊپٽي اسپيڪر ڀٽ شاهه پهچي جيڪو ڪجهه ڪيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، جنهن بابت وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهه ڪيو اٿم، ان سان گڏ ڊي آءِ جي کي به هدايت ڪئي آهي ته هو ان بابت فوري طور رپورٽ ڏئي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انصاف جون تقاضائون پوريون ٿين ۽ ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿئي، هوڏانهن ڊپٽي اسپيڪر جي سخت هدايتن آڌار مٽياري ضلعي پوليس جي هڪ سئو کان وڌيڪ نفري هٿيارن، لٺين ۽ آنسو گئس سان گڏ هالا جي مصروف علائقي طارق روڊ کي ڪڙو چاڙهي غيرن جي اچ وڃ لاءِ بند، شيخ محلي ۾ گهڙي رهواسين پاران بيدخل ڪيل ٻن ڀينرن جي عزيز ليليٰ شيخ ۽ سندس مڙس عقيل ڀينرن کي پوليس پهري ۾ ساڳئي گهر جا تالا ٽوڙي اتي منتقل ڪيو، پوليس ڪارروائي دوران ڏهڪاءُ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، چيو وڃي ٿو ته ڄاڻايل گهر عبدالحق شيخ نالي شخص جو آهي، جيڪو ڄاڻايل زال مڙس وٽ مسواڙ تي هو، متاثر ڀينرون به گهران نڪرڻ بعد اتي ئي رهنديون هيون، علائقي واسين جاويد شيخ، مشتاق شيخ، عبدالفتاح شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته ليليٰ شيخ 6 ٻارن جي ماءُ آهي، جنهن کي تازو مڙس طلاق ڏني هئي، جنهن بعد هن عقيل ڀنڀرو سان ٻي شادي ڪئي هئي، هنن چيو ته ڊپٽي اسپيڪر هڪ طرفو فيصلو ڪيو، جيڪو انصاف ناهي، هنن چيو ته ٻنهي زال مڙس کي محلي مان نه ڪڍيو ويو ته ڀرپور احتجاج ڪنداسين، ٻئي طرف ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي ٻڌايو ته اسان ڄاڻايل معاملي جي سلسلي ۾ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان سان رابطي ۾ آهيون، ڪنهن به ڌر سان ناانصافي نه ٿيندي، هوڏانهن رشيده ۽ ماجده جي هڪ اسڪول ۾ پٽيوالي ڪندڙ پيرسن پيءُ امان الله شيخ ٻڌايو ته مون سان ظلم ٿيو آهي، هڪ سازش تحت منهنجن نياڻين کي منهنجي ۽ منهنجي عزيزن خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ منهنجن نياڻين پاران لڳايل سمورا الزام بي بنياد آهن، هن انصاف جي اپيل ڪئي.
|