رپورٽ: الطاف لاڙڪ

سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ،فصلن کي ڪاپاري ڌڪ،آبادگارن جا انتظاميا خلاف مظاهرا،لٺبازي

حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي 7 ضلعن بدين، ميرپورخاص، گهوٽڪي، سانگهڙ، خيرپور، نوابشاهه ۽ جيڪب آباد ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ، ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف آبادگار سراپا احتجاج، اعليٰ اختيارين تحرڪ نه ورتو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب بدين، ماتلي، تلهار، ٽنڊوباگو، ڪڙيو گهنور، ٽنڊو غلام علي، ڏيئي شهر ۽ ٻين علائقن ۾ ڀاڻ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي ۽ مختلف شهرن ۾ ڊيلر ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندي يوريا ڀاڻ جي في ٻوري 850 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ضلعي ۾ ساريالي فصل جا پن پيلا ٿي سڙڻ لڳا آهن، ڀاڻ جي کوٽ سبب ساريالي فصل جي اپت گهٽ لهڻ جا امڪان آهن، بدين ۾ ڊي او روينيو جواد اڪرام آبادگارن ۽ ڀاڻ ڊيلرن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ ضلعي انتظاميا پاڻ ڊيلرن جا مطالبا مڃي ورتا آهن، جنهن تحت اڳ خريد ڪيل يوريا ڀاڻ جون ساڍا 4 هزار ٻوريون آبادگارن کي في ٻوري 650 رپين ۾ ڏني وئي ۽ اڄ کان ڊيلر مرضي موجب کليل مارڪيٽ جي اگهه تي ڀاڻ وڪرو ڪندا، گڏجاڻي ۾ آبادگارن پڻ ڀاڻ جو اگهه مقرر نه ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو، هوڏانهن ڏيئي شهر ۾ آبادگارن ڀاڻ جي کوٽ خلاف مير حسن دلواڻي ۽ موسو راهمون جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري رڌڻو هنيو، ٽنڊو غلام علي ۾ شڪيل مڱريو ۽ ارباب کوسو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو هنيو ويو، ميرپورخاص ۾ آبادگارن کي صبح کان قطار ۾ بيهاري چند آبادگارن کي 8 ڪلاڪن کانپوءِ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي تي صرف 3-3 ٻوريون ڏئي ڀاڻ ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو، آبادگارن منظور ناريجو ۽ خدابخش مري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، معلوم ٿيو آهي ته زراعت واري وزير علي نواز شاهه ڇنڊ پٽيندي ڀاڻ بابت انگ اکر ڏيڻ جو چيو آهي، جڏهن ته اي ڊي او زراعت جو چوڻ هو ته ضلعي کي 11 لک ٻوريون ڀاڻ مهيا نه ٿيڻ سبب کوٽ پيدا ٿي آهي، آبادگارن ڀاڻ نه ملڻ تي هڪ دڪان تي پٿراءُ ڪيو، جنهن تي دڪاندارن ڀڄي جان بچائي، سنڌڙي ۾ آبادگارن نبي بخش شر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ٽنڊي الهيار ويجهو مهراڻ شگر ملز ۾ 20 هزار ٻوريون اسٽاڪ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ملز انتظاميا ڀاڻ گڏ ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته آبادگارن کي مقرر اگهه تي ڀاڻ ڏئي رهيا آهيون، سرهاڙي ۾ آبادگارن ديدار زرداري ۽ حاجي سرور بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، پريالوءِ ۽ پير جو ڳوٺ ۾ آبادگارن حاجي منير کورکاڻي ۽ محمد دين ناريجو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، گهوٽڪي آبادگارن سڪندر اوڳاهي ۽ لعل بخش گوٽو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، پوليس ڀاڻ وٺڻ لاءِ آيل آبادگارن تي لٺبازي ڪئي، آبادگارن ڀاڻ جي منڊي ۾ سخت احتجاج ڪيو، هوڏانهن جيڪب آباد ۾ مختيارڪار دڪانن تي ڇاپا هڻي ريٽ لسٽون چيڪ ڪيون، 2 دڪانن تي هزارين رپيا ڏنڊ هنيو، قاضي احمد لڳ ڳوٺ سوائي ۾ مختيارڪار ڇاپو هڻي يوريا ڀاڻ جي هڪ هزار ٻورين جو ٽرالر هٿ ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف ڪالهه لاڙڪاڻي توڙي ضلعي جي مختلف تعلقن جي آبادگارن پراڻي اناج منڊي وٽ مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن خادم حسين گولو، محمد بچل ڀٽو، رسول خان شر، محرم شيخ، صدام حسين سانگي ۽ ٻين چيو ته اسين 20 ڏينهن کان پنڌ ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر دڪاندار يوريا ڀاڻ نه هجڻ جو چئي موٽائي ڇڏين ٿا، جڏهن ته اهي ڀاڻ جي اها ٻوري 640 رپين بدران هزارين رپين تي بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته ڀاڻ نه ملڻ ڪري اسان جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي ڀاڻ ڏياريو وڃي.