چمن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) |
|
”مهر ميڊيڪل ڪاليج کي پي ايم ڊي سي رجسٽرڊ ڇو ناهي ڪيو؟“چيف سيڪريٽري اڄ طلب،شاگردن جي ريلي سکر (رپورٽ؛ شبير ڀٽو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج کي پي ايم ڊي سي پاران رجسٽرڊ نه ڪرڻ ۽ ڪورٽ جي حڪم موجب ڪاليج ۾ اڪيڊمڪ اسٽاف ۽ ٻيون سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف داخل ڪيل توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪاليج جي پرنسپال کي اڄ 9 آڪٽوبر تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهوڪي شنوائي تي پٽيشنر جي وڪيل شبير شر ڪورٽ کي ٻڌايو ته پي ايم ڊي سي پاران ڪاليج کي اڃا تائين رجسٽرڊ نه ڪيو ويو آهي نه رڳو اهو به پي ايم ڊي سي پاران مليل هدايتن موجب گهربل اڪيڊمڪ اسٽاف مقرر نه ٿيو آهي ۽ ٻيون سهولتون به نه مليون آهن. ان ڪري ڪاليج رجسٽرڊ نه ٿو ڪيو وڃي. جنهن تي ڪورٽ ۾ موجود مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال اسد الله مهر کان هاءِڪورٽ معلومات ورتي جنهن ٻڌايو ته گهربل فنڊ ۽ ليبارٽري جو سامان ملي ويو آهي پر هو اڪيڊمڪ اسٽاف بابت ڪورٽ کي تسلي جوڳو جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي ڪورٽ کيس حڪم ڏنو ته هو اڄ 9 آڪٽوبر تي مليل فنڊ، سامان ۽ اڪيڊمڪ اسٽاف بابت تفصيلي رپورٽ لکت ۾ پيش ڪري، هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ ڪري سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري کي پڻ اڄ پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪيا آهن ته ٻئي طرف ڪالهه مهر ميڊيڪل ڪاليج جي فائنل ايئر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪاليج کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، ان موقعي تي شاگردن صحافين کي ٻڌايو ته ڪاليج کي پي ايم ڊي سي پاران رجسٽرڊ نه ڪيو ويو آهي تنهن ڪري فائنل ايئر جي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. هنن چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسان جا امتحان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري ڪاليج کي فوري طور تي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ فائنل ايئر جي شاگردن کي چانڊڪا ڪاليج منتقل ڪيو وڃي ته جيئن اهي امتحان ڏئي پنهنجي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهن. |