دادو(ن ڪ)

هالا لڳ ڦر دوران زخمي ٿيل همراهه پوليس تحويل ۾ فوت

نوابشاهه (ن ڪ) هالا لڳ شهدادپور روڊ تي هفتو اڳ ڦر دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل همراهه مير خان بروهي کي پوليس جناح اسپتال کان نوابشاهه پئي آندو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اين ايم سي آندو جتي ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته نوجوان هتي فوت نه ٿيو آهي ۽ نه ئي واقعو هتي ٿيو آهي، ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ هالا لڳ نوجوان کي ڦر دوران گولي لڳي هئي، هوڏانهن پوليس اهلڪارن ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.