|
ڏاج فنڊ 50 هزار ۽ گذارا الائونس ماهوار هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز مٽياري/هالا (نمائندن وٽان) سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان چيو آهي ته وڏي وزير ڏانهن سمري اماڻي ڏاج فنڊ 10 هزارن مان وڌائي 50 هزار ڪرڻ ۽گذارا الائونس 500 رپين مان وڌائي هڪ هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو سپورٽ پروگرام سان لکين بيروزگار نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيڻ سميت غريب، مسڪين ۽ نادار مستحقن جي مدد ٿي سگهندي ۽ ان سان سنڌ ۾ معاشي انقلاب آندو ويندو، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس ۾ ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي ۽ مٽياري ۾ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪالهه مٽياري پهچڻ کانپوءِ پ پ عهديدارن ۽ ڪارڪنن سان ڪيل کلي ڪچهري ۾ نرگس اين ڊي خان آڏو پ پ ضلعي صدر ۽ ايم پي اي پير امير علي شاهه هاشمي شڪايت ڪئي ته پ پ دور کان اڳ مقرر آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث آهن جيڪي ايم پي اي سوڌو پ پ عهديدارن جا ڪم نه ٿا ڪن، جنهن جي صوبائي وزير ڊي سي او بقاءُ الله انڙ کان پڇاڻو ڪيو ۽ کيس اهڙن آفيسرن کي هٽائڻ جي هدايت ڪئي، هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي نرگس اين ڊي خان چيو ته شهيد راڻي سپورٽ يوٿ پروگرام تحت هزارين بيروزگار نوجوان مرد ۽ ڇوڪرين کي سلائي، ڪڙهائي سوڌو ٻيا منافع بخش هنر سيکاريا ويندا، جڏهن ته تربيت دوران کين 4 هزار کان 7 هزار رپين جو وظيفو پڻ ڏنو ويندو، هن چيو ته عوامي ڀلائي لاءِ رمضان پيڪيج ۽ بيت المال سوڌو صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي پيڪيج پڻ فراهم ڪيو ويندو. |
|
|