سوڀيديري ۾ امام شاخ جي آبادگارن جو احتجاج جاري،مظاهرو،2 ڄڻا بيهوش

سوڀوديرو (ن ڪ) سوڀوديرو لڳ امام شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف امام شاخ پل وٽ خادم حسين، عارب مڱڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران گرمي وگهي 2 ڄڻا ڪائونسلر محمد حسن سهتو ۽ حسين بخش چنڊ بيهوش ٿي ويا، جن کي مقامي اسپتال نيو ويو، بعد ۾ آبادگارن بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي عملدار منڍ ۾ پاڻي وڪرو ڪن پيا، جنهن سبب اسان جا فصل سڪي تباهه ٿين پيا.