گمبٽ سبزي مارڪيٽ جي ٺيڪي تان ٺيڪيدار ۽ نائب ناظم ۾ منهن ماري،ڪاروبار بند

گمبٽ (ن ڪ) گمبٽ سبزي مارڪيٽ جو ٺيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٺيڪيدار قربان شيخ حوالي ڪرڻ کانپوءِ ڪالهه ٻيهر وقتي تعلقي نائب ناظم ميهر خان ناريجو ۽ ٽي ايم او مارڪيٽ اچي ٺيڪيدار کي واڪ بند ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي ٺيڪيدار ۽ وقتي تعلقي نائب ناظم ۾ منهن ماري ٿي، جنهن بعد دڪاندارن احتجاج طور ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، بعد ۾ پوليس ڳالهيون ڪري ڇڪتاڻ ختم ڪرائي ۽ ٺيڪيدار کي واڪ ڏيڻ لاءِ چيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪاروبار کوليو ويو.