|
”ڪاوش“ سنڌ
جي ڏتڙيل،بيوس ۽ لاچار ماڻهن جو آواز اقتدار جي اعليٰ ايوانن
تائين پهچائي ٿي:سڄاڻ ڌريون
خيرپور(رپورٽ:
خان محمد) روزانه ”ڪاوش“ کي صحافتي سفر ۾ 18 سال مڪمل ٿيڻ تي
”ڪاوش“ جي پڙهندڙن، سياسي، سماجي شخصيتن، اديبن، شاعرن ۽
بيوروڪريٽس توڙي ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ خيرپور جي شخصيتن
”ڪاوش“ کي سنڌ جي مظلوم عوام جي حقن جي ترجمان، صحافت ۾ جديد ۽
تحقيقي لاڙا متعارف ڪرائيندڙ، سنڌي ٻولي ۾ ملڪي سطح جي قومي
اخبار قرار ڏنو آهي، فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صدر سيد صدر الدين
شاهه راشدي چيو آهي ته ڪاوش گروپ اڄڪلهه جي جديد دور ۾ سنڌ ۽
هتان جي مظلوم عوام جي صحيح نموني نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽
”ڪاوش“ گروپ سنڌ جي آواز کي سڄي دنيا ۾ پڄايو آهي ۽ سنڌي ٻولي
کي پوري دنيا ۾ بهتر نموني اُجاگر ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو
سنڌ جا ماڻهو ”ڪاوش“ سان دلي چاهه رکن ٿا ۽ ”ڪاوش“ کي پنهنجو
بهتر سهارو سمجهن ٿا. ”ڪاوش“ 18 سالن جي سفر ۾ تمام گهڻيون
ڪاميابيون ماڻيون آهن، جيڪي نه صرف اداري توڙي سنڌ جي عوام جون
ڪاميابيون آهن ۽ اُميد ڪجي ٿي ته ڪاوش عوام جي هڏ ڏوکي رهي
اُنهن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سنڌ واسين جي اهنجن کي ايوانن
تائين پهچائڻ واري سفر کي جاري رکندي ۽ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندي
رهندي، پارلياماني سيڪريٽري ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو
ته ڪاوش تمام سٺي اخبار آهي، ”ڪاوش“ پڙهي اسان کي سنڌ، ملڪي
توڙي پرڏيهي سطح جي اشوز جي ڄاڻ ملندي آهي ”ڪاوش“ ملڪي سطح جي
مڃيل ترين اخبار آهي، سندس ٽيم جاکوڙي آهي جيڪا خبرن جي ڳولا ۾
رهي ٿي، ايڊيٽر ۽ اداري ۾ ويٺل سٿ پروفيشنل آهن، جيڪي خبرن کي
ميرٽ تي شايع ڪن ٿا، جيڪو ”ڪاوش“ جي مقبوليت جو سبب آهي،
”ڪاوش“ کي اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي جنهن سفر ۾ ”ڪاوش“ پهتي آهي
ان سفر کي شاندار نموني سان اڳتي وڌائڻ گهرجي، شاعر، اديب ۽
ريڊيو پروڊيوسر مختيار ملڪ چيو ته ”ڪاوش“ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو
صحافت کي صنعت طور متعارف ڪرايو ۽ صحافت جي پيشوراڻي ڪردار کي
اجاگر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ”ڪاوش“ سنڌ جو سگهارو آواز بڻجي
وئي ۽ صحافتي ڪردار مانائتو بڻجي ويو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ
صحافت ۾ نوان رجحان ۽ لاڙا وڌي رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ پڙهيل لکيل
نوجوانن کي پيشوراڻه صحافت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر
نيلوفر شيخ ”ڪاوش“ سالگرهه جي موقعي تي چيو ته نئين نسل ۾
شعوري سگهه پيدا ڪرڻ واريون ”ڪاوش“ جون خدمتون ساراهه جوڳيون
آهن. يونيورسٽي اندر ”ڪاوش“ کي روزانو پڙهندڙن جو هڪ وڏو تعداد
ميسر آهي، جنهن ۾ اڪثريت اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جي هجي ٿي،
مون ان مان اندازو لڳايو آهي ته ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ذري گهٽ
نوجوان کان قلم ڪاغذ کسي ورتو آهي پر ”ڪاوش“ سان سندن پيار
لافاني آهي. ”ڪاوش“ جا ايڊيشن ۽ ايڊيٽوريل مون کي ٻولي ۽ سٽاءُ
جي موضوع جي لحاظ کان گهڻا پسند آهن، سندس ترقي لاءِ دعاگو
آهيان، پروفيسر عبداللطيف ميمڻ چيو آهي ته ”ڪاوش“ سنڌ جي واحد
نمائنده اخبار آهي جيڪا سنڌ جي ڪثيرالاشاعت واري اخبار آهي ۽
کيس اهو اعزاز به حاصل آهي ته هن اخبار سياسي، سماجي ۽ تعليمي
مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. سچل چيئر جي
ڊائريڪٽر پروفيسر الطاف اثيم چيو ته اشاعت جي پهرين ڏينهن کان
”ڪاوش“ جو پڙهندڙ آهيان عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، مظلومن جي
پڪار اختيار ڌڻين تائين سڀ کان اڳ پهچائڻ ۽ واقعن ۽ اشوز بابت
فالو اپ ڏيڻ جو ”ڪاوش“ ئي رواج وڌو، جيڪو سنڌي صحافت ۾ نئون
موڙ هو، سنڌي صحافت ۾ نوان ٽرينڊ متعارف ڪرائڻ خاطر ”ڪاوش“ سٿ
وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، منهنجي علائقي جا شاگرد اُن جا
گواهه آهن ته امتحاني مرڪز جي معائني دوران جڏهن ڪاپي ڪندي
نوجوانن کي ڏسي افسوس ڪندو آهيان ته کين نصيحت طور اهو چوندو
آهيان ته جيڪر ڪتاب سان دوستي ختم ڪئي اٿو ته ڀلا ”ڪاوش“ سان
ئي دوستي رکو گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ 360 سٽون ته سکي وٺندا. سينئر
صحافي غلام عباس ڀنڀرو چيو آهي ته سنڌ جو ڪيس، سنڌ جي پاڻيءَ
جو ڪيس، سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس، بک بيروزگاريءَ جو ڪيس، ڪاروبار ۽
انساني حقن جي لتاڙ جا سمورا ڪيس ”ڪاوش“ وڙهي رهي آهي، جنهن
سان سنڌ ۾ روشن خيالي پيدا ٿي آهي، روزانه ”ڪاوش“ ننڍي سياسي
ورڪر کي وڏي سياستدان جي مقابلي ۾ آندو آهي ۽ اسٽريٽ پاليٽڪس
کي سگهارو ڪيو آهي، روزانه ”ڪاوش“ سنڌ جي ماڻهن جو آواز وڏن
ايوانن تائين پهچايو آهي، جنهن سان ”ڪاوش“ سنڌي ماڻهن جي دلين
۾ گهر ڪري وئي آهي، ”ڪاوش“ جي مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهريان عام
ماڻهن جو چانهه پيئڻ سان حوصلو جاڳندو هو ۽ هاڻ چانهه پيئڻ کان
پهريان ”ڪاوش“ پڙهي ماڻهن جي حوصلي جا دروازا کلن ٿا. ريڊيو
پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ شاعر ڪوثر ٻرڙو چيو آهي
ته ”ڪاوش“ کي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي اخبار سمجهن ٿا، اُن جو مکيه
سبب ”ڪاوش“ جي پنهنجي ساک آهي، هر هنڌ وقت سر دستيابي به ان جو
مکيه سبب آهي، اشتهارن لاءِ الڳ صفحا هجڻ گهرجن، فرنٽ ۽ بيڪ
پيج تي اشتهار نه ڏنا ويا، سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور جي جنرل
سيڪريٽري ابراهيم کرل چيو ته ”ڪاوش“ جديد دور ۾ سنڌ جي ڏتڙيل،
بيوس ۽ لاچار ماڻهن جو اهڙو آواز آهي جيڪو ايوانن ۾ پڙڏاو ٿي
گونجي ٿو، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڙو اثرائتو آواز آهي، جنهن
جديد سنڌ جي تاريخ مرتب ڪئي آهي. ”ڪاوش“ اخبار کي زراعت، صحت
۽ اين جي اوز جي ڪردار تي اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي،
فن ۽ ثقافت جي حوالي سان سپليمينٽ شايع ڪيا وڃن. يونائيٽيڊ
فيڊريشن خيرپور جي صدر امجد لاشاري چيو ته ذوالفقار ڀٽو جي
شهادت کانپوءِ سنڌي ماڻهن تي جنرل ضياءَ جي مارشل لا وڏا ڪهر
ڪيا، ان وقت سنڌي عوام هڪ منظم تحريڪ جي صورت ۾ عمل جي ميدان ۾
هئي، انهي تحريڪ جي آواز کي دنيا تائين پهچائڻ ۾ ”ڪاوش“ هڪ وڏو
۽ اهم رول ادا ڪيو، امجد لاشاري تجويز ڏيندي چيو ته مزدورن جي
حوالي سان هر هفتي هڪ صفحو ڪڍيو وڃي. سنڌ چلڊرين اڪيڊمي جي
سرواڻ ۽ اديب قربان منگي چيو ته نوي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾
”ڪاوش“ سنڌي صحافت ۾ هڪ منفرد آواز جي شڪل ۾ ظاهر ٿي، ”ڪاوش“
اها پهرين سنڌي اخبار آهي جنهن پروفيشنل جرنلزم جو بنياد وڌو ۽
نوجوان ۽ پڙهيل لکيل صحافين جي هڪ کيپ پيدا ڪئي، جتي رياستي
ادارا عوام جي اهنجن جي ازالي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيا، تڏهن
”ڪاوش“ اهو مورچو ثابت ٿي آهي، جنهن تان بي پهچ ۽ بيوس عوام
پنهنجي حقن جي ويڙهه وڙهي آهي. سول سرجن سول اسپتال خيرپور
ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻي چيو ته ”ڪاوش“ جتي سنڌ جي ماڻهن جي مسئلن
جي نشاندهي ڪئي آهي اتي سنڌي ماڻهن جي نفسيات کي سمجهڻ يا
سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو جي سمجهه ۾ ۽
شين کي اخلاقيات جي حوالي سان سمجهڻ ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي
آهي، جهڙوڪ اسان جا ماڻهو اڃا ڪيو لائين ۾ بيهڻ نه سمجهيا، هر
ماڻهو چاهي ٿو ته منهنجو ڪم اڳ ۾ ٿئي پوءِ ڀلي ٻئي جو ٿئي يا
نه ٿئي. پ پ ايم اين اي نواب خان وساڻ چيو ته ”ڪاوش“ سنڌ جي
جديد صحافت کي هٿي وٺرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جنهن صحافت
جي دنيا ۾ پروفيشنل جرنلزم کي جنم ڏنو، ”ڪاوش“ ماڻهن جي بهتر
ترجماني ڪرڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو ۽ سنڌ جا مظلوم ۽ پٺتي پيل
ماڻهو پنهنجي مسئلن جي حل جو ذريعو ٻين کان وڌيڪ ”ڪاوش“ کي
سمجهن ٿا ۽ اُن تي اعتماد ڪن ٿا ته ”ڪاوش“ سندن مسئلا بهتر
نموني اجاگر ڪري اُنهن کي ايوانن تائين پهچائي سگهي ٿي. ضلعي
ناظم خيرپور پير نياز شاهه جيلاني چيو ته ”ڪاوش“ پنهنجي 18
سالن جي سفر ۾ تمام گهڻن مشڪلاتن ۽ مارشل لائي دورن جي پرواهه
نه ڪندي سنڌ جي مظلوم ۽ ڏتڙيل عوام جي ڀرپور نموني نمائندگي
ڪئي آهي، تنهن ڪري ئي ”ڪاوش“ سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي
روزانو واري ضرورت بڻجي چڪي آهي ۽ ماڻهو ”ڪاوش“ پڙهڻ بنا بيتاب
هوندا آهن. نياز شاهه وڌيڪ چيو ته بلدياتي نظام جي ڪاميابي ۾
رڪاوٽون وجهندڙ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ ”ڪاوش“ کي پنهنجو ڪردار
ادا ڪرڻ گهرجي، فنڪشنل مسلم ليگ ليڊيز ونگ ضلعي خيرپور جي صدر
سيده رعنا شاهه چيو ته ”ڪاوش“ جنهن طريقي سان عوام جي راءِ جو
احترام، سندس حقن جي ترجماني ۽ ڏکين حالتن ۾ به کين آگاهي جو
جيڪو 18 سالن کان سلسلو برقرار رکيو آهي اهو عمل جس لائق آهي،
اديب ۽ شاعر قدير انصاري چيو ته ”ڪاوش“ حقيقي اشوز کان ڪن
لاٽار نه ڪئي آهي ۽ اڪثر اشوز بابت ايڊيٽوريل پيج پاڻ ملهايو
آهي، ”ڪاوش“ سان ماڻهو پيار به ڪن ٿا ۽ تنقيد ڪرڻ کان به نه
ٿا ڪيٻائين، شوڪت نوناري چيو ته ”ڪاوش“ اخبار جي مقبوليت
جيتري مردن ۾ آهي اوتري عورتن ۾ به آهي، عورتن کي ”ڪاوش“ اخبار
خصوصي اهميت ڏني آهي، جنهن جو ثبوت عورتن جي راءِ ۾ الڳ پيج
آهي، جنهن ۾ سندن مسئلن ۽ راين کي خاص مقام حاصل آهي.
|