رپورٽ: الطاف لاڙڪ

ڊيرابگٽي آپريشن کي 2 سال مڪمل،نواب اڪبر پڄاڻا هزارين بگٽي اڄ به دربدر،ڪنهن به واهر نه ڪئي

جعفرآباد(رپورٽ: سارنگ مستوئي) ڊيرابگٽي آپريشن کي 2 سال مڪمل، نواب اڪبر بگٽي جي وڇوڙي کانپوءِ جبري طور پنهنجن اجهن مان تڙي ڪڍيل هزارين بگٽي اڃا تائين دربدر، سندس بحالي لاءِ جمهوري حڪومت شهيد راڻي جو واعدو نه پاڙيو، اڻ کٽ وسيلن جي مالڪ بلوچن جا ٻچا اڄ به ماني ڳڀي لاءِ پريشان، بک، بدحالي ۽ بيمارين بي گهر بگٽين جي زندگي روڳ بڻائي ڇڏي، پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي ۽ حق حاڪميت لاءِ آواز اٿاريندڙ بلوچ اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي کي هڪ آمر پاران ڪوهلو جي ڪاري جبل ۾ حياتي کان محروم ڪرڻ بعد علائقي ۾ هلندڙ فوجي آپريشن سبب ۽ مخالفن پاران ڊيرابگٽي، سنگسيلا، سوئي، زين ڪوهه ۽ ٻين علائقن مان جبري طور بي دخل ڪيل بگٽي قبيلي جا هزارين ماڻهو حڪومت تبديل ٿيڻ ۽ جمهوري دور اچڻ باوجود به پنهنجن اجهن کان وانجهيل آهن، ڊيرا بگٽي جا رهواسي جعفرآباد، نصيرآباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ ٻين علائقن ۾ دربدر آهن، بکئي پيٽ کليل آسمان هيٺ ويٺل هزارين بگٽي مهاجرن جا ٻچا ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، جڏهن ته موسمن جي مار ۽ بک سبب مختلف بيماريون به بگٽي مهاجرن جو مقدر بڻجي ويون آهن پر حڪومت پاران سندس بحالي لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ جعفرآباد ۾ عوامي جلسن دوران شهيد راڻي واعدو ڪيو هو ته پ پ حڪومت ۾ اچڻ شرط ڊيرابگٽي مان تڙيل بگٽي مهاجرن کي ٻيهر پنهنجن اجهن ۾ آباد ڪندي پر اڃا تائين پ پ حڪومت ان سلسلي ۾ ڪجهه به ناهي ڪيو، ان ڏس ۾ ڊيرابگٽي مان بي دخل ٿيل بگٽين ڪاوش سان حال اوريندي ٻڌايو ته ڊيرابگٽي ۾ اسان عزت واري زندگي گذاريندا هئاسين پر فوجي آپريشن ڪري اسان کي ٻچن سميت لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو، هڪ بگٽي مهاجر ڦلڻ خان بگٽي چيوته جڏهن کان جعفرآباد ۾ اچي آباد ٿيا آهيون، کليل تلائن ۽ شاخن جو گندو ۽ بدبوءِ دار پاڻي پيئڻ ڪري منهنجن ٻارن جون بڪيون ڳري ختم ٿي ويون آهن، هو کٽ تي زندگي ۽ موت واري ڪشمش ۾ مبتلا آهن، هن دانهيندي چيو ته هتان جي لوڪل بگٽي برادري جي چڱن مڙسن مختلف اين جي اوز ۽ پنهنجي جمهوري وطن پارٽي پاران متاثرن لاءِ ڏنل لکين رپين جو فنڊ هڙپ ڪري گاڏيون ورتيون آهن، اسين بکئي پيٽ سمهي پنهنجي قسمت کي پيا پاراتا ڏيندا آهيون، هڪ پيرسن عورت مسمات حاجل چيو ته گذريل 3 سالن کان بيماري جي بستري تي پئي آهيان پر ڪو به علاج ڪرائڻ وارو ناهي، هن اکين مان لڙڪ وهائيندي چيو ته نواب اڪبر بگٽي جو پوٽو نوابزاده برهمداغ بگٽي جڏهن ڏيهه موٽندو ته پوءِ اسين به پنهنجي اباڻي ڪکن ڏانهن وينداسين، هن ڏڪندڙ چپن سان ٻڌايو ته هتي ڪير به مالي سهائتا ڪرڻ وارو ناهي، رڳو ٺلها دلاسا ڏئي هليا ويندا آهن.