روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

مهانگائي جي طوفان آڏو بيوس بنيل پورهيت ۽ مزدور طبقو!

                آچر 29 جون واري ”ڪاوش“ ۾ ڇپيل هڪ خبر موجب آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي(اوگرا) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ مسلسل واڌاري جي رجحان سبب اضافو اڻٽر هو، جنهن ڪري پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب هاڻ پيٽرول جو اگهه في لٽر 68 رپيا 81 پئسن مان وڌائي 75 رپيا 68 پئسا في لٽر ڪيو ويوآهي، ايڇ بي او سي 80 رپيا 77 پئسن مان وڌائي، 88 رپيا 85 پئسا في ليٽر، گاسليٽ 41 رپيا 44 پئسن مان وڌائي 49 رپيا 73 پئسا في لٽر ۽ لائيٽ ڊيزل 44 رپيا 59 پئسن مان وڌائي 49 رپيا 05 پئسا في لٽر ڪيو ويو آهي، مقرر ڪيل اهي نوان اگهه لاڳو ٿي چڪا آهن. تيل ۽ گئس جي وڌندڙ اگهن کانپوءِ هاڻ هر شيءَ جي اگهن ۾ پاڻمرادو اضافو ٿي ويندو.ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي واري صورتحال ۾ مزدورن ۽ پورهيتن لاءِ گهر جو گاڏو هلائڻ انتهائي مشڪل ٿيندو پيو وڃي.چونڊجي آيل نئين حڪومت تيل جي اگهن ۾ ٽي ڀيرا اضافو ڪري عوام کي ويتر مصيبتن ۽ تڪليفن جي ٻوهي وجهي ڇڏيو آهي، تيل جي اگهن ۾ اضافي کانپوءِ هاڻ جيڪو مهانگائي جو طوفان اٿندو، عوام ان جي شايد ئي سٽ سهي سگهي.ملڪي عوام هن وقت جن ٽن وڏن آزارن کي منهن ڏئي رهيو آهي انهن ۾ مهانگائي پهرئين نمبر تي، لوڊ شيڊنگ ٻئي نمبر تي ۽ بيروزگاري ٽئين نمبر تي آهي.نوانوي سيڪڙو نوجوان بيرزوگاري جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن.حڪومت پاران لکن جي تعداد ۾ بيروزگار نوجوانن لاءِ صرف 50 هزار نوڪرين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪي اڻپوريون ۽ ناڪافي آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، حڪومت روزگار جا ٻيا متبادل وسيلا پيدا ڪري.

نور حسن سولنگي/بدين

انٽيليجنس بيورو جا برطرف ملازم ڪڏهن بحال ٿيندا؟

                 محترمه بينظير ڀٽو جي  ٻئي حڪومتي دور 1996ع ۾ اسان بيروزگار نوجوانن کي انٽيليجنس بيورو ۾ نوڪري سان لڳايو ويو، اسان ان کاتي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳاسين،پر اوچتو جڏهن ملڪ جي ڳجهن هٿن جي مدد سان محترمه جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته، ان کانپوءِ آيل نواز ليگ جي حڪومت ۾ اسانکي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. ان ڏينهن کان وٺي اسان انٽيليجنس بيورو جا برطرف ملازم پيپلز پارٽي جي ملڪ ۾ حڪومت قائم ٿيڻ لاءِ دعائون گهرندا ۽ انتظار ڪندا رهيا آهيون. ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن جي دعائن، پيپپلز پارٽي جي بهادر ڪارڪنن ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي عظيم قرباني کانپوءِ ملڪ ۾ چوٿون ڀيرو پيپلز پارٽي جي حڪومت جڙي چڪي آهي.جيتوڻيڪ شهيد راڻي اسان جي وچ ۾ نه آهي، پر سندس پاليسيون ۽ مشن آهي،جن سان هن ملڪ ۾ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي.اسان وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي اپيل ٿا ڪريون ته،سياسي انتقام وٺندي نواز ليگ طرفان 1997ع ۾ برطرف ڪيل انٽيليجنس بيورو جي سمورن ملازمن کي بحال ڪيو وڃي.

ڪريم بخش سهتو/ خيرپور

اين سي ايڇ ڊي بند نه ٿيڻ گهرجي!

                گذريل حڪومت طرفان 2000ع ۾ هڪ پروگرام نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) جي نالي سان شروع ڪيو ويو، ان پروگرام تحت ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي وڏي پئماني تي رٿا بندي ڪئي وئي هئي. سنڌ صوبي ۾ اين سي ايڇ ڊي طرفان اٽڪل 7 هزار فيڊر پرائمري اسڪول کوليا ويا، جن ۾ گهربل اسٽاف پڻ رکيو ويو. اين سي ايڇ ڊي جا ملازم ملڪ ۾ تعليم جي معيار وڌائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪري رهيا آهن. هن پروگرام شروع ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جا 87 هزار تعليم يافته بيروزگار روزگار سان لڳي ويا آهن ۽ تعليم بالغان ۾ پڻ ڪافي اضافو ٿيو آهي. اين سي ايڇ ڊي ۾ استادن جي رهنمائي ۽ 5 کان 7 سالن جي عمر جي رهيل ٻارڙن جي داخله، نون ڄاول ٻارڙن جي پيدائش جي تاريخ جي داخلا رکڻ، غريب ٻارڙن جي تعليم تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. سرڪاري استادن جي ڀيٽ ۾ اين سي ايڇ ڊي جي عملي جو پگهار تمام گهٽ آهي، ان کان علاوهه اهي به افواهه هلي رهيا آهن ته، اين سي ايڇ ڊي کي بند ڪيو پيو وڃي. اسان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته، اين سي ايڇ ڊي کي بند نه ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن مجبورن ائين ڪيو وڃي ٿو ته، پوءِ اين سي ايڇ ڊي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي ڪنهن ٻئي کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي.

نصر الله ٻرڙو/قمبر

لکت وارو ۽ زباني امتحان اسان به پاس ڪيو!

                ”ڪاوش“ ۾ گذريل حڪومت ۾ هڪ اشتهار ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۾ خالي پيل جاين جي باري ۾ ڇپيو هو،مون به ايڪسائيز انسپيڪٽر جي پوسٽ لاءِ درخواست ڏني هئي، جنهن کانپوءِ کاتي پاران ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ٽيسٽ ۾ آئون ڊويزن ۾ 05 نمبر تي آيو هئس. جڏهن ٽيسٽ پاس ڪري، انٽرويو ڏنوسين ته، اسان کي اها اميد ٿي ته،هاڻ حڪومت طرفان شايد ميرٽ جي رڳو ڳالهه نه پئي ڪئي وڃي پر ان جو خيال به رکيو ويندو، پر هميشه جيان هن ڀيري به ائين حقيقت ۾ ٿي نه سگهيو، ان سان گڏوگڏ اسان کي اها به خوشفهمي ٿي ته، هاڻ بس بيروزگاري جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، جلد اسان روزگار سان لڳڻ وارا آهيون پر  ائين ارباب رحيم جي دوري ۾ اسان کي آفر آرڊ ملڻ جا آسرا ملندا رهيا،اسين آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا رهياسين، ويندي جو ان حڪومت جو مدو ئي ختم ٿي ويو ۽ اسين بس ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪرڻ باوجود اهڙي جا اهڙا رهياسين، مطلب ته نوڪري جا آفر آرڊر مليا نه ئي ڪنهن يقين ڏياريو ته جلد نئين حڪومت اچي آفر آرڊر ڏيندي. اسان ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ اميدوار پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته، اسان کي جلد ميرٽ جي بنياد تي آفر آرڊر ڏنا وڃن.

مشتاق علي وساڻ/راڻيپور

عوام جي ڀلائي جي نالي تي ٿيندڙ عوام دشمن فيصلا!

                18 فيبروري تي عوام جيڪو ووٽ ڏنو هو، اهو هڪڙي پارٽي کي هٽائي ٻي کي حڪومت ۾ آڻڻ لاءِ نه هو، نه ئي ان ووٽ ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته، هڪڙا چهرا ڏسي ڏسي ماڻهو ٿڪجي پيو آهي، هاڻي وري ڪي ٻيا ڏسجن پر عوام پاران گڏيل حڪومت حڪومت ۾ ويٺل پارٽين کي ووٽ ان اميد سان ڏنو ويو هو ته، اهي اقتدار ۾ اچي عوام دوست پاليسيون جوڙينديون، عوام جي دردن جو درمان ڪنديون، عوام چاهيو پئي ته، ق ليگ جي دور ۾ جيڪا مهانگائي بيروزگاري ۽ لاقانونيت وڌي هئي، جنهن عوام جي چيلهه چٻي ڪري وڌي هئي، ان جو خاتمو ٿيندو، پر هن وقت حڪومت جيڪا عوامي حڪومت هجڻ جي دعويدار آهي، اها رڪارڊ مهانگائي ڪري چڪي آهي. بجلي، گئس ۽ تيل جي قيمتن ۾ تمام گهڻي واڌڪئي وئي آهي. نئين چونڊيل حڪومت پاران عوام جي ڀلي جي نالي تي جيڪي عوام دشمن فيصلا ڪيا پيا وڃن انهن سان ملڪي عوام جي ڏکن ۾ واڌارو ٿيندو.هي حڪومت شايد غربت ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ بجاءِ غريب ختم ڪرڻ واري فارمولي تي عمل پيرا آهي. حقيقي عوام دوست سياسي قوتون نه هجڻ ڪري ئي اقتدار ۾ ويٺل سياسي پارٽين پاران هي من مستي ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن حقيقي عوام سياسي قوتون هجن ته اقتدار ۾ ويٺل ڌريون عوام کي ائين بي يارو مددگار سمجهي ٿورئي عذابن ۾ وجهي سگهن ها، جئين انهن پاران وڌو پيو وڃي.ڇا پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وارا فقط عالمي سامراج ۽ ملڪي سرمائيدارن جي ايجنڊا تي هلي عوام لاءِ ڪجهه ڪري سگهندا؟  يا وري فقط پنهنجو اقتدار ئي بچائيندا؟

غلام حسين لغاري/واڻڪي وسي

”ويچاري“ پوليس ۽ سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو!

                اڄڪلهه سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو امن امان جو  آهي، جنهن تي سنڌ اسيمبليءَ جي بجيٽ اجلاس ۾ پڻ بحث ٿي چڪو آهي. سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو ضلعو يا علائقو هجي، جتي امن امان جي مسئلي جي حوالي سان دانهون نه ٿي رهيون هجن. لڳي ائين ٿو ته، اسان خوف واري ننڊ جا هيراڪ ٿيندا پيا وڃون، چورن، ڌاڙيلن ۽ ڦورن کي کلي ڇوٽ مليل نظر پئي اچي.عوامي حڪومت جون جتي سوين چڱائيون آهن، اتي ان جي وڏي ۾ وڏي برائي اها آهي ته ان ۾ پنهنجا نواز پاليسي تي عمل ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ٿيندو ائين آهي ته،وزير، مشير صرف اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته، ”هي پنهنجو ماڻهو آهي، هن کي جيڪو گهرجي سو ڏنو وڃيس“ ڀلي کڻي اهو ڪيڏو وڏو ڏوهاري ڇو نه هجي. اسان جي پوليس مسڪين مار ضرور آهي، پر ڏوهارين طرف ته اک کڻي ڏسڻ جي به هن کي ڄڻ ته اجازت  نه هجي. تازو ٽنڊو باگو پوليس ڪامران ٽسوري کي مبينا فرار ڪرايو آهي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي جو پوليس ۽ جوابدار وچ ۾ جاءِ واردات تي هڪڙي منٽ جي به ڇڪ ڇڪان نه ٿئي، ٻنهي ڌرين(پوليس ۽ جوابدار) مان ڪنهن هڪ کي شايد ئي ڪا رهڙ آئي هجي. حالت اها آهي جو گهرو وزير جي اباڻي ضلعي بدين جي پوليس کان ايڏو وڏو جوابدار ائين فرار ٿي ويو.جيڪا پوليس اڪيلي جوابدار کي نٿي سنڀالي سگهي اهو کانئس فرار ٿي وڃي ٿو، ان مان ڪهڙي اميد ڪجي؟ ڪامران ٽسوري جي فرار ٿيڻ وارو واقعو ڪو معمولي واقعو ناهي، جو ان کي ائين ئي وساريو پيو وڃي. اسان سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته، نه رڳو ڊي پي او بدين پر سنڌ جي گهرو وزير کان به ان واقعي بابت پڇا ڳاڇا ٿيڻ گهرجي.

جميل لاشاري/ميرپور خاص

مومل ٻائي کي انصاف ڏياريو!

                تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ عمر انڙ ۾ هڪ بااثر شخص پاران بغير ڪنهن ڏوهه ۽ سبب جي ناري مومل ٻائي ميگهواڙ تي بندوق جو فائر ڪيو ويو، جيڪا 6 جون 2008ع کان وٺي اڄ تائين بغير ڪنهن جي مدد جي زخمي حالت ۾ عمر ڪوٽ ۾ رهيل آهي. ڊاڪٽرن موجب مومل ٻائي کي ڇاتي کان هيٺ ٽوٽل 48 ڇيرا لڳا آهن، جن مان چار ڇيرا آپريشن ذريعي ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته باقي 44 ڇيرا جيڪي ڇوڪري جي جسم جي نازڪ جاين تي لڳل آهن، جيڪي آپريشن ذريعي ڪڍڻ ڏاڍا مشڪل آهن.اڃان تائين پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن سياسي سماجي تنظيم هن غريب نياڻي جي ڪا مدد ڪئي آهي.اسان سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته مومل ٻائي کي انصاف ڏياريو وڃي.

دولت ٿري/عمرڪوٽ

پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ڊائو يونيورسٽي واري معاملي جو نوٽيس وٺي!

                ڊائو يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس طرفان ايم بي بي ايس ۽ پي ڊي ايس ۾ داخلا لاءِ مبينا غير قانوني ٽيسٽ ورتي وئي آهي. جنهن ۾ ڪراچي جي ميڊيڪل جي ٽن اهم ادارن جي 650 سيٽن لاءِ ڪل 5 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو، جڏهن ته انهيءَ ٽيسٽ کي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه غير قانوني قرار ڏنو هو، سندس آفيس مان باقائده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ انٽري ٽيسٽ نه وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي،پر يونيورسٽي انتظاميا ڪراچي کانسواءَ سنڌ جي باقي شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي شاگردن کي داخلا جي حق کان محروام ڪرڻ لاءِ پي ايم ڊي سي رولز جي ڀڃڪڙي ڪري، انٽري ٽيسٽ ورتي. جڏهن ته سيڪريٽري صحت شفيق کوسي پڻ ٽيسٽ روڪرائڻ لاءِ سمري صحت واري وزير ڏانهن رواني ڪئي هئي،انهيءَ باوجود به ڊائو يونيورسٽي انتظاميا ٽيسٽ ورتي. ٽيسٽ ۾ معذور شاگردياڻي عائشه پراچا وٽ ايڊمٽ ڪارڊ هجڻ باوجود به هن کي صرف  ان ڪري ٽيسٽ ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو ته، هو ويل چيئر تي آئي هئي، حالانڪه سڀني کي خبر آهي ته، معذورن جي 2 سيڪڙو ڪوٽا هوندي آهي. اها ٽيسٽ ايترو جلدي ان ڪري ورتي وئي ته، جيئن سنڌي نوجوان ڪراچي جي ميڊيڪل ادارن تائين پهچي نه سگهن.اسان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته، مفاهمت ڀلي ڳالهه آهي پر ان مفاهمت جي نالي تي سنڌ جي اعليٰ تعليم يافته نوجوانن سان ته ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي.

عبدالرحمان جروار/ٽنڊو الهيار