روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

شهيد راڻي جي مهابي اسان ايڊهاڪ ليڪچرارن کي پڪو ڪريو!

 

جڏهن 06-2005ع ۾ نج مئرٽ تي ايڊهاڪ بنيادن تي ليڪچرار مقرر ٿيا هئاسين ته، ڪجهه عرصي بعد جدوجهد ڪئي سون ته اسان کي ريگيولر به ڪيو وڃي، پر جلد ئي اندازو ٿي ويو ته، ٽي ڀيرا بنا ڪنهن جواز جي ايڊهاڪ ليڪچرارن کي پڪو ڪرڻ لاءِ لکيل سمري موٽائيندڙ ارباب غلام رحيم(سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير) ريگيولر نه ڪندو ۽ ٿيو به ائين. پوءِ اسان جون ساريون اميدون سنڌ راڻي جي حڪومت اچڻ سان وابسته هيون ۽ اسان دعائون گهريون ته شل پيپلز پارٽي چونڊون کٽي اچي، ڇاڪاڻ ته اسان کي اها آس هئي ته جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ ايندي ته پوءِ اسان کي ايڊهاڪ جا وڌيڪ عذاب سهڻا نه پوندا، سنڌ سيڪريٽريٽ جا بار بار چڪر ڪاٽڻا نه پوندا، ڇهه ڇهه مهينا بنا پگهار جي رهڻو نه پوندو، ڪنهن آڏو هٿ ٽنگڻو نه پوندو. شهيد راڻي جي عظيم قرباني بعد هاڻ جڏهن اوهان( پيپلز پارٽي جا نمائندا) اقتدار ۾ آيا آهيو ته، سڄي سنڌ جيان اسان جون مايوسيون اميدن ۾ تبديل ٿي ويون آهن ۽ هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، اوهان اهي پنهنجا واعدا پورا ڪريو، جيڪي اوهان اسان سان بک هڙتالي ۽ احتجاجي ڪيمپن تي اچي ڪيا هئا ته توهان ايندي ئي روزگار ڏيڻ جوسلسلو اسان کي ريگيولر ڪرڻ سان شروع ڪندا، پر هاڻ اوهان پنهنجن موبائيل نمبرن سميت پنهنجا رويا به تبديل ڪري ڇڏيا آهن، واعدا وساري ڄڻ ته اسان کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ڪنهن در دانهڙي ڏيون؟ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي هدايتن باوجود عملي طور ڪجهه نه ٿيو آهي، اهو ضرور ٿيو آهي ته پهرين پگهار نه ملڻ ڪري ٽي مهينا ٿيا هئا،جيڪي هاڻ چار مهينن ۾ بدلجي ويا آهن، گذريل حڪومت ۾ جڏهن ٽنهي صوبن جا ايڊهاڪ ليڪچرار ريگيولر ڪيا ويا، تڏهن صرف اسان سنڌ وارن کي نظرانداز ڪيو ويو، پر ڪنهن به ان تي آواز نه اٿاريو، سچ ٿا چون ته جنهن جاءِ تي باهه لڳندي آهي، ان کي ئي خبر هوندي آهي ته تپش ڇا هوندي آهي، هاڻ جڏهن وفاقي سطح تي پ پ يارنهن سالن جا برطرف ٿيل سڌ ۽ بلوچستان جا سوئي گئس ملازم ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن جا ملازم بحال ڪيا ويا آهن، تڏهن اسان سڌ جي ايڊهاڪ ليڪچرارن کي ڀري ٻيڙي ۾ صرف واڻيو ئي ڳرو، جي مصداق ڇو ريگيولر نٿو ڪيو وڃي؟ اسان هن خط ذريعي پ پ سنڌ جي سڄي قيادت کي عرض ٿا ڪريون ته خدارا شهيد راڻي جي مهابي اسان سنڌ جي ايڊهاڪ ليڪچرارن کي ريگيولر ڪري چئن مهينن جون رهيل پگهارون ڏئي اسان کي وڌيڪ عذابن کان بچايو.

غلام ياسين سبزوئي/ڪراچي