روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
پوليو مهم جي ناڪامي جا سبب ! 1994ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي نياڻي آصفه کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پياري هن مرض خلاف مهم جو آغاز ڪيو هو. گذريل تيرهن سالن جي عرصي ۾ اٽڪل 70 ڀيرا پوليو جي خاتمي لاءِ مهم هلائي وئي آهي ۽ اڳتي پڻ جاري آهي، هڪ اندازي مطابق صرف سنڌ صوبي اندر لکين ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جي ويڪسين ڏني وڃي ٿي، جنهن تي لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ رپيا خرچ ٿين ٿا، پر انهيءَ جي باوجود اڄ تائين صوبي مان هن مرض جو مڪمل خاتمو ناهي ٿي سگهيو، جنهن جا ڪجهه سبب هي به ٿي سگهن ٿا، جن کي مدنظر رکي انهن کي حل ڪري ڪجهه بهتري آڻي سگهجي ٿي.ويڪسين پياريندڙ صحت کاتي جي عملي ۽ رضاڪارن جو پوليو مهم وارن ڏينهن وارو معاوضو وڌايو وڃي، يونين ڪائونسل سطح تي ٻن ماڻهن تي مشتمل ٽيمون جوڙيون وڃن ٿيون، جيڪي گهر گهر وڃي پنهنجا فرض سرانجام ڏين ٿيون پر اڪثر انهن ٽيمن کي ڪافي مسئلا درپيش هوندا آهن، جيئن بغير ڪنهن سواري جي سردي هجي يا گرمي صبح کان وٺي شام تائين صرف 150 رپين جي عيوض پيرين پنڌ ٽيم هر ٻار کي گهر گهر وڃي ڦڙا پياري ٿي. ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 300 رپيا هر ميمبر کي هڪ عدد سواري سان گڏ معاوضو ڏنو وڃي، جيئن ٽيم بهتر نموني ۽ سولائي سان پنهنجو ڪم ڪري سگهي. ان کان علاوه ٻهراڙين جي ماڻهن کي ڄاڻ جو گهٽ هجڻ، جيڪڏهن ڏٺو وڃي گذريل 13 سالن کان هلندڙ مهم کان ٻهراڙين ۽ ڪچين آبادين ۾ رهندڙ ماڻهو بيخبر آهن. اڪثر ٽيمن کي ويڪسين جي پيارڻ، ان کي گرمي کان بچائي رکڻ، ان کي ٻار تائين ڪيئن پهچائڻ، ماڻهن کي ڪيئن قائل ڪجي بابت ڪا به خبر نه هوندي آهي، اڪثر پوليو جي مهم کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هر ٽيم کي ٽريننگ لاءِ به اسپتالن ۾ گهرايو ويندو آهي،پر ڪامورا شاهي ۽ وڏيرا شاهي پڻ هن کاتي کي پنهنجي گرفت ۾ ڪري ڇڏيو آهي، ڪو به اعليٰ آفيسر ٽريننگ ڪرائڻ ناهي ايندو ۽ ڪي به خاص ٽرينر مقرر ناهن هوندا، جنهن ڪري اهو عمل به اڄ تائين اڻپورو آهي. ڪولڊ چين هي هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي پوليو جي ويڪسين کي مخصوص درجه حرارت تي رکيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته پوليو هڪ وائرس آهي، انهيءَ خلاف ٻار ۾ قوت مدافيت پيدا ڪرڻ لاءِ ويڪسين ذريعي ٻار جي جسم ۾ هڪ زنده جراثيم داخل ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي زنده رکڻ لاءِ ٿڌ جي ضرورت پوي ٿي، پر اڪثر پوليو ويڪسين ٻار تائين پهچندي پنهنجي اصلي حيثيت وڃائي چڪي هوندي آهي، جنهن ڪري ان جو اثر گهٽجو وڃي. ڪرپٽ ڪامورا شاهي ۽ وڏيرا شاهي به هڪڙي وبا آهي، جنهن ملڪ جي هر اداري کي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي،پوليو مهم دوران هر يوسي، هر تعلقي ۾ نگراني لاءِ آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٿا، پر انهن جي نااهلي جي ڪري نگراني وارو ڪم به چڱي ريت مڪمل نٿو ٿئي، هزارين رپيا روزانو وٺندڙ آفيسر پنهنجي ايئرڪنڊيشنز آفيسن ۾ ويهي سموري ڪاغذي ڪارروائي ڪري مٿي لکي موڪلين ٿا. مٿين سمورن مسئلن کي مدنظر رکي ڪري انهن کي حل ڪري ئي هن موذي مرض جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. مير حسن/ڀٽ ڀائٽي،(کپرو) |