روزانه ڪاوش

راجيو گانڌي ايوارڊز: سيف ۽ لارادتا بهترين اسٽارز قرار

ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم آنجهاني راجيو گانڌي جي ياد ۾ ٿيل 11 هين ايوارڊ تقريب ۾ بالي ووڊ جي ٽاپ اسٽارز سيف علي خان ۽ لارا دتا کي بهترين اداڪار ۽ اداڪاره جا ايوارڊ  ڏنا ويا، جڏهن ته ”تاري زمين پي“ فيم چائلڊ اسٽار درشيل سفاري کي سندس شاندار پرفارمنس تي ٽرافي ڏني وئي، انهيءَ ست رنگي تقريب ۾ ايٽم گرل راکي ساونت ۽ ڪرينا ڪپور مختلف گانن تي پرفارم ڪري مهمانن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.