روزانه ڪاوش

جهول جهلي بيٺو آهيان، دردن جو خريدار ٿو ڳوليان:امانت مغل

 

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) ڪي ٽي اين جي ”بالي“ فيم اداڪار امانت مغل چيو آهي ته مون کي پنهنجو وڃائجي ويل چهرو ڳولي لهڻ لاءِ سرڪار ۽ سنڌ واسين جي ساٿ جي ضرورت آهي، لنڊن ۾ علاج جي سلسلي ۾ ترسيل اداڪار امانت مغل ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته تيزاب ۾ چهرو ۽ جسم سڙڻ کانپوءِ سمورو وقت درد جي صليب تي گذريو آهي، هڪ طرف زخمن جو سور آهي ته ٻئي طرف پنهنجي وطن کان بي وطن هجڻ جو درد آهي، هن چيو ته اڃا منهنجي چهري جا چار آپريشن ٿيڻا آهن، جن لاءِ 30 لک رپين جي ضرورت آهي، آئون هڪڙو غريب فنڪار آهيان، هن وقت مون وٽ کپائڻ لاءِ درد کانسواءِ ڪجهه ناهي، دنيا جي بازار ۾ آئون جهول جهلي بيٺو آهيان، مون کي خريدار جي ڳولا آهي، جيڪو مون کان منهنجا درد خريد ڪري سگهي ۽ مون کي پنهنجو چهرو ڳولي ڏيڻ ۾ مدد گار بڻجي، امانت مغل چيو ته ڪاوش ۾ منهنجي  مدد لاءِ اپيل کانپوءِ ثقافت کاتي طرفان 3 لک امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر  مون کي 30 لک رپين جي ضرورت آهي، هن چيو ته جيڪي دوست مالي مدد ڪرڻ گهرن ٿا انهن کي منهنجي اڪائونٽ ۾ مدد طور رقم جمع ڪرائڻ گهرجي ، منهنجو اڪائونٽ نمبر 0-8063-100 يو جي ايل ، ڊي ايڇ اي فيز 2 برانچ ڪوڊ 0934 ڪورنگي روڊ ڪراچي آهي، امانت مغل چيو ته مون کي پنهنجي رب جي ذات ۽ خدا جي نيڪ بندن تي ڀروسو آهي، يقينن مون کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.