|
مون مٿان ”ڪومل“ جي فيروزه
جي ڇاپ پئجي وئي آهي:ريحانه تبسم
ڪراچي
(ڪلچرل رپورٽ) ڪي ٽي اين جي خوبصورت اداڪاره ريحانه تبسم چيو
آهي ته اداڪاري مان مون گهڻو ڪجهه سکيو آهي، ڊرامن ۾ مختلف
ڪردارن ۾ مختلف زندگيون جيئري زندگي سان سڃاڻ ٿي آهي ”ڪاوش“
سان ڳالهائيندي ريحانه تبسم چيو ته آرٽس جي اندر ۾ ڪهاڻي جي
پڄاڻي ٿي وڃڻ کانپوءِ به ڪردار جو ڏک رهجي وينديو آهي، هن چيو
ته هر ڪردار هڪ نئون تجربو هوندو آهي ۽ هر ڪهاڻي ۾ آرٽسٽ کي
رشتن جا ڏک ۽ خوشيون ملنديون آهن، ريحانه تبسم چيو ته آئون
ڪهاڻي جي گهراين ۾ لهي ان جو درد ۽ احساس سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي
آهيان، هن چيو ته هن وقت ”ڪومل“ ۾ فيروزه جو ڪردار نڀائي رهي
آهيان، جنهن جا ڪيترائي موڊ آهن، هن چيو ته ”ڪومل“ جي ٽيم ڏاڍي
سٺي آهي، هڪڙو گهر آهي، جنهن جا اسين سڀئي ڪردار واقعي به
گهرڀاتين وانگر بڻجي ويا آهيون.
|