روزانه ڪاوش

نوابشاهه لڳ پلاٽ جي تڪرار تان بيدردي سان نوجوان قتل

نوابشاهه (ن ڪ) نوابشاهه ڀرسان جوابدارن پلاٽ جي تڪرار تان نوجوان کي  قتل ڪري ڇڏيو، ڪيس داخل، رپورٽ موجب نوابشاهه لڳ  ڳوٺ جمال شاهه ۾ پلاٽ جي تڪرار تان  جوابدارن 27  سالن  جي نوجوان  پريل شاهه کي مٿي ۾ بيدردي سان  لوهي سيخون هڻي  قتل ڪري  ڇڏيو،  واقعي بعد  پوليس  پهچي لاش پوسٽ مارٽم  ڪرائڻ بعد  وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن  نوابشاهه  تعلقي ٿاڻي تي مقتول جي مامي  محبوب شاهه جي فرياد تي 3 ڄڻن خدا ڏنو، محبت الله ۽ شبير شاهه  خلاف  ڪيس داخل ڪيو ويو.