|
روزانه ڪاوش |
|
صالح پٽ: هندو برادري جو روحاني اڳواڻ گڻيش بن ديهانت ڪري ويو:شهر بند صالح پٽ (ن ڪ) ڀارتي شهر جبل پور کان آيل هندو برادري جي روحاني شخصيت گڻيش بن دل جو دورو پوڻ ڪري ڪالهه هتي ديهانت ڪري ويو، سندس آخري رسمن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان آيل هندو برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، انهي واقعي سبب صالح پٽ شهر سوڳ وچان بند رهيو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب صالح پٽ ۾ واقع درٻار بيرم بادشاهه جو گادي نشين گڻيش بن تازو 28 جولاءِ تي پنهنجي زال راجڪماري، پٽ رنڪو ۽ ڌيءُ سوني ٻائي سان گڏ ڀارت کان صالح پٽ آيو هو، سندس ٻار 2 هفتا اڳ ڀارت موٽي ويا، جڏهن ته گڻيش بن پنهنجي زال سان گڏ صالح پٽ ۾ ترسيل هو.
|