|
روزانه ڪاوش |
|
24 مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس آپريشن غلط رٿابندي سبب ناڪام ٿيو جعفرآباد : ڇتر جي 24 مغوين جي بازيابي لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ نصيرآباد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز گڏيل آپريشن شروع ڪيو هو پر غلط رٿابندي ۽ لاپرواهي سبب اهو مڪمل طور ناڪام ٿي ويو، جڏهن ته هزارين رپين جي خرچ، ماحولياتي نقصان سان گڏو گڏ پوليس جي 4 جوانن جي موت جو هاڃو به برداشت ڪرڻو پيو، 5 ڏينهن اڳ پوليس آپريشن ڪندي ڇتر ۽ سوئي جي دنگ واري هنڌ جهنگ کي باهه ڏئي سرچ آپريشن شروع ڪيو ته اهلڪار پنهنجي لڳايل باهه ۾ ڦاسي پيا ۽ دونهين سبب ساهه گهٽجڻ ڪري 4 اهلڪار خالد حسين، بادشاهه خان، نذير احمد ۽ فرمان علي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته پوليس بدحواسي ۾ 8 گهر ساڙي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي شڪ تحت گرفتار ڪرڻ بعد آپريشن ختم ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڪالهه ڌاڙيلن 5 مغوين کي قتل ڪري لاش ڦٽا ڪري ڇڏيا، جنهن بعد باقي 19 مغوين جي بازيابي به سواليه نشان بڻجي وئي آهي، جڏهن ته پوليس اڃا تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي.
|
|
|