|
روزانه ڪاوش |
|
لاڙڪاڻي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين جو جلوس،باهيون لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ محلي جي رهواسين حيسڪو خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي مڇي مارڪيٽ، پاڪستاني چوڪ ۽ جناح باغ چوڪ جو گشت ڪري ميونسپل اسڪول آڏو ٽائرن کي باهيون ڏنيون، جنهن ڪري ڪجهه وقت لاءِ هلندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي محمد ابراهيم جتوئي، نظير ڀٽو، الهه وڌايو ابڙو ۽ ٻين چيو ته حيسڪو پاران روزانو اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي ٿي ۽ واڌو بل به موڪليا وڃن ٿا. هنن گهر ڪئي ته اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي.
|