روزانه ڪاوش

ميرپورخاص جي بجيٽ تي ڊي سي او کي اعتراض،حڪومت کي تفصيل اماڻي ڇڏيا،ضلعي ناظمه پاران سندس خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ميرپورخاص(بيورو  رپورٽ) ضلعي  ناظمه ۽ ڊي  سي او وچ ۾ بجيٽ جاري ڪرڻ واري معاملي تي اختلاف چوٽ چڙهي ويا، ٻنهي طرفان سنڌ سرڪار کي ليٽر اماڻيا  ويا، ڊي سي او بجيٽ تي اعتراض واريا ۽ ضلعي ناظمه  بجيٽ کي درست  قرار ڏيندي ڊي سي او خلاف ڪارروائي  جي گهر ڪئي، ضلعي بجيٽ 09-2008ع ۾ ڊي سي او، اي ڊي او روينيو، اي ڊي او ڪميونٽي، اي ڊي او فنانس ۽ ٻين ضلعي کاتن جي فنڊن ۾ ڪٽوتي ڪري گهڻي  رقم ضلعي ناظمه ۽  ضلعي نائب ناظم جي فنڊن ۾ رکڻ بعد ضلعي ناظمه ڊاڪٽر صغريٰ جوڻيجو ۽ ڊي سي او ڊاڪٽر عبدالرحيم سومرو وچ ۾ پيدا ٿيل  اختلاف نبرڻ بدران وڌي ويا آهن،ذريعن موجب ڊي سي او  ڊاڪٽر عبدالرحيم سومرو پاران ضلعي بجيٽ جا سمورا تفصيل خاص طور تي ڪٽوتي ڪيل فنڊن، ضلعي  ناظمه ۽ ضلعي نائب ناظم جي فنڊن ۾ ڪيل واڌ ۽ ضلعي بجيٽ  ضلعي فنانس کاتي پاران ٺاهڻ بدران ضلعي ناظمه ۽ سندس ساٿين پاران سنڌ حڪومت ۽ ناڻي کاتي جي طئي ڪيل فارمولي بنا جوڙڻ جي مڪمل رپورٽ سنڌ حڪومت ۽ صوبائي ناڻي کاتي  کي موڪلي گذارش ڪئي آهي  ته هدايت ڏني وڃي  ته غلط طريقي سان جوڙيل ان بجيٽ کي ڪيئن رليز ڪجي؟ ذريعن موجب ان نئين  صورتحال بعد فنڪشنل مسلم ليگ سان واسطو  رکندڙ ضلعي ناظمه صغريٰ جوڻيجو پڻ سنڌ حڪومت کي  ليٽر لکي بجيٽ کي درست قرار ڏيندي ڊي سي او پاران اجايو بجيٽ رليز ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وجهڻ بابت ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته اطلاعن موجب گذريل  ڏينهن ضلعي ناظمه ڊاڪٽر صغريٰ جوڻيجو سندس اباڻي ڳوٺ خان صاحب دين محمد جوڻيجو(سنڌڙي) ۾ ويهي پنهنجي اتحادي ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ ساٿين سان پيدا ٿيل صورتحال تي مشورا ڪيا،ان حوالي سان ضلعي ناظمه هائوس تي رابطي تي فون وصول ڪندڙ فتح الدين بروهي ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته ضلعي ناظمه صبح کان پنهنجي ڳوٺ ويل آهي. جڏهن ته ضلعي بجيٽ جي بڪ واليوم نمبر (3) ۾ ڊي سي او لاءِ سال  09-2008ع لاءِ ڪل بجيٽ 2 ڪروڙ  54 لک  72 هزار  200 رپيا رکيل آهي، جنهن ۾ پگهارن لاءِ هڪ ڪروڙ  70 لک  500 رپيا ۽ نان سيلري جي مد۾ 84 لک  26 هزار  700 رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته گذريل  سال جي روائيز بجيٽ ۾ ڊي  سي او جي نان سيلري جي مد ۾ هڪ ڪروڙ  26 لک  69 هزار  500 رپيا رکيل هئا، جن مان  42 لک  42 هزار 800 رپيا هن سال ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ساڳئي بڪ ۾ ضلعي ناظمه لاءِ ڪل 7 ڪروڙ  8 لک 73 هزار رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ پگهارن  لاءِ  17 لک  10 هزار ۽ نان سيلري لاءِ 6 ڪروڙ 91 لک  63 هزار رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ضلعي ناظمه جي نان سيلري لاءِ گذريل سال روائيز بجيٽ ۾  5 ڪروڙ  88 لک  8 هزار رکيل هئا، جن ۾   هن  سال هڪ ڪروڙ  33 لک 55 هزار رپيا اضافو ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته ضلعي نائب ناظم لاءِ هن سال بجيٽ ۾ ڪل   72 لک  16 هزار 200 رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ سيلري (پگهارن)  لاءِ 34  لک  51 هزار ۽ نان سيلري لاءِ  37 لک 65  هزار  200  رپيا رکيل آهن، جڏهن  ته گذريل سال ضلعي نائب ناظم جي نان سيلري ۾  30 لک 59 هزار رپيا هئا، جن ۾ هن سال 7 لک 6 هزار رپيا اضافو ڪيو ويو آهي.