|
روزانه ڪاوش |
|
”حاضرين تي وٺي وڃو“: سکر ۾ قيدي جيل جي ڇت تي چڙهي ويا، باهيون سکر (بيورو رپورٽ) سکر سينٽرل جيل ون ۾قيد ڪاٽيندڙنوشهرو فيروز ضلعي واسين ۽ چانڊيا وارڊ ۾ رهندڙن ڪالهه نوشهرو فيروز ۾ قائم اي ٽي سي ڪورٽ ۾ حاضرين تي نه وٺي وڃڻ خلاف احتجاج ڪندي بيرڪن تي چڙهي ويا ۽ ڪمبلن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ قيدي جن جو تعداد سئو جي لڳ ڀڳ هو، تن رات جو ٽوٽل ڏيڻ کان انڪار ڪندي بيرڪن ۾بند ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رات جو دير سان قيدين جيل انتظاميا سان ڳالهين بعد احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.
|