روزانه ڪاوش

سنڌ جي مزاحمتي شاعر اسير ملاح جي حالت ويتر خراب:ثقافت کاتي سار نه لڌي

حيدرآباد/ڄامشورو (نمائندن وٽان) هيپاٽائيٽس سي ۽ هرنيا جي تڪليف سبب ٽن ڏينهن کان اسپتال داخل سنڌ جي مزاحمتي شاعر اسير ملاح جي ثقافت کاتي جي اختيارين سار نه لڌي، سول اسپتال ڄامشورو جي وارڊ نمبر 4 جي بستري نمبر 9 تي داخل، جهوني شاعر جو گهربل علاج نه ٿيڻ سبب تڪليف ۾ شدت اچڻ سبب کيس بيهوشي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ هرنيا جي تڪليف وڌڻ سبب سندس پيٽ ۾ سوڄ ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ جڏهن ته ڊاڪٽر سڀاڻي سومر تائين آپريشن ملتوي ڪري ڇڏيو، بيماري جي بستري تي داخل شاعر اسير ملاح ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد لاڳاپيل ڊاڪٽرن پاران مختلف ٽيسٽون ڪرايون ويون، جن ۾ گڏ ٿيل رقم به خرچ ٿي وئي، هن چيو ته اسپتال جا ڊاڪٽر رڳو ٻاهران ٽيسٽون ڪرائڻ تي زور ڀري رهيا آهن، گهربل علاج نه ٿيڻ ڪري بيماري تي ڪنٽرول ٿيڻ بدران تڪليف ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اديب دوست فون ڪري طبيعت بابت معلوم ڪري رهيا آهن پر سنڌ ثقافت کاتي جي اختيارين سندس سار ناهي لڌي، هن چيو ته اڳ ۾ بيمار ٿيڻ وقت ثقافت کاتي 20 هزار رپيا ڏنا هئا جيڪي ان وقت ڪرايل علاج تي خرچ ٿي ويا آهن، هن ثقافت کاتي جي اختيارين کي سرڪاري خرچ تي خانگي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.