روزانه ڪاوش

عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي:سيڪريٽري صحت

خيرپور (ن ڪ) سيڪريٽري صحت شفيق احمد کوسو چيو  آهي ته  عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن لاءِ نئون قانون جوڙيو پيو وڃي، سول اسپتال  خيرپور ۾ آءِ  سي يو جي دوري  کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سيڪريٽري چيو ته سنڌ جي  وڏي وزير پوليو مهم ۾ دلچسپي ورتي آهي، هر حال ۾ سنڌ مان پوليو جو خاتمو آندو ويندو، هن چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو لڏ پلاڻ ڪن ٿا. جنهن ڪري پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ عملي کي سخت تڪليف  ٿئي ٿي.،  هن چيو ته دوائن کي معياري بڻائڻ  لاءِ خالي پيل جاين تي درگ انسپيڪٽر  جلد مقرر ڪيا ويندا، هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ ۾ 5 اسپتالن ۾ ٽيچنگ اسپتالون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،  جن  ۾ مريضن لاءِ گهربل سموريون سهولتون مهيا  ڪيون  وينديون.