روزانه ڪاوش

نوابشاهه لڳ هٿياربندن جي مسافرن کان ڦرلٽ، مزاحمت تي ڪوچ ڊرائيور قتل

نوابشاهه (ن ڪ) نوابشاهه کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۾ سوار هٿياربندن ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سڪرنڊ روڊ تي روهڙي ڪئنال وٽ مسافر ڪوچ ۾ مسافرن جي روپ ۾ سوار هٿياربندن مسافرن کي يرغمال بنائي هزارين رپيا روق رقم ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪيو ته ڊرائيور 46 سالن جي عمر رفيق مزاحمت ڪئي ته هٿياربندن کيس سڌيون گوليون هنيون، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، کيس نوابشاهه اسپتال پهچايو ويو، جتي بعد ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.