سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
غوث علي شاهه 9 سالن بعد اڄ خيرپور پهچندو، شاندار استقبال جون تياريون سکر (بيورو رپورٽ) 9 سالن تائين ملڪ کان ٻاهر رهڻ بعد مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صوبائي صدر سيد غوث علي شاهه اڄ پنهنجي اباڻي شهر خيرپور پهچي رهيو آهي، غوث علي شاهه شام جو 3 وڳي پي آءِ اي جي اڏام ذريعي سکر ايئرپورٽ تي لهندو، جنهن بعد کيس هڪ وڏي جلوس جي شڪل ۾ خيرپور نيو ويندو، ان ڏس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صوبائي پريس سيڪريٽري زاهد رفيق بٽ، سرور لطيف ۽ عبدالرزاق عاصي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته غوث علي شاهه جو شاندار استقبال ڪيو ويندو، هوڏانهن غوث علي شاهه جي آمد کان اڳ سکر شهر ۽ رستي ۾ ايندڙ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڏا وڏا پوسٽر ۽ بينر لڳايا ويا آهن، جن تي غوث علي شاهه جي آجيان وارا نعرا لکيا ويا آهن.
|