|
روزانه ڪاوش |
|
مشرف دور ۾ مڪمل طور بند ڪيل ايئرپورٽ پ پ حڪومت ۾ کليو حيدرآباد: سنڌوءَ ڪناري شاهه لطيف جي نالي سان اڏيل لطيف آباد واري علائقي ۾ حيدرآباد ايئرپورٽ 60ع واري ڏهاڪي ۾ قائم ڪيو ويو، پاڪستان جو اهو واحد ايئرپورٽ آهي، جنهن جو افتتاح ئي نه ٿيو آهي، 65ع واري جنگ دوران جنگي مقصدن لاءِ پڻ استعمال ٿيو، جنهن بعد مسافر اڏامن جو سلسلو به شروع ٿيو، نواز شريف جي دور حڪومت ۾ مسافر گهٽ هجڻ جو جواز ڄاڻائي هڪ هفتي ۾ هلندڙ 11 اڏامن کي گهٽ ڪيو ويو، جڏهن ته مشرف حڪومت ۾ 2001ع دوران اڏامن جو سلسلو مڪمل طور بند ڪيو ويو، 28 جون 2007ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم شوڪت عزيز دفاع واري وزارت کي ليٽر لکي هڪ مهيني اندر ايئرپورٽ کولڻ جي هدايت ڪئي پر سندس ڪنهن به نه ٻڌي، جولاءِ ۾ شوڪت عزيز ٻيهر ايئرپورٽ کولڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تي پڻ عمل نه ٿيو، هاڻوڪي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي حڪم بعد نيٺ 3 آگسٽ بدران ڪالهه 19 آگسٽ تي ايئرپورٽ کي 7 سالن جي ڊگهي عرصي بعد اڏامن لاءِ کوليو ويو.
|