سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ڪراچي واٽر بورڊ جي ملازمن کي ڪڍڻ وارو حڪم واپس ناهي ورتو:پير مظهر

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تعليم جي ۽ سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق چيو آهي ته ڪراچي واٽر بورڊ جي ملازمن کي ڪڍڻ وارو حڪم ختم نه پر معطل ڪيو آهي، جيڪڏهن انهن کي نوڪرين مان نه ڪڍيو ويو ته اندرون سنڌجا ٻيا ڪڍيل ملازم به بحال ٿيڻ گهرجن، ڪي ٽي اين نيوز کي انٽرويو دوران صوبائي وزير پير مظهر چيو ته اسان کي اطلاع اهي آهن ته ارباب حڪومت جي پڇاڙڪن 6 مهينن دوران غلط طريقي سان نوڪريون ڏنيون ويون ۽ ان جي آخري مهيني ۾ گهڻيون ڏنيون ويون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي واٽر بورڊ جي ملازمن کي ڪڍڻ وارو حڪم معطل ڪيو آهي پر ان حڪم کي ختم ناهي ڪيو ۽ ان تي اڃا ڳالهيون هلي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪراچي واٽر بورڊ جي ماڻهن کي نه ڪڍيو ويو ته اندرون سنڌ مان به جن ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي، اهي بحال ٿي ويندا، هن ٻڌايو ته ليبر کاتي ۽ ثقافت کاتي ۾ به ايم ڪيو ايم وارن ئي ماڻهو ڀرتي ڪيا ۽ اندرون سنڌ مان جيڪي ماڻهو ڪيا ويا اهي ڪراچي جا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا، هن چيو ته هر ايم پي اي لاءِ فنڊ 50 لک مان وڌائي هڪ ڪروڙ رپيا ڪيو ويندو ۽ اپوزيشن کي به اوتري ئي رقم ڏني ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخدوم امين فهيم پارٽي جو سينيئر اڳواڻ آهي، آئون ان جي بيان تي ڪجهه به نه ٿو چئي سگهان، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽيون ڀلي 10 ٺهي وڃن پر ڪابه پارٽي هن پ پ جهڙي نه ٺهي سگهندي، جنهن ۾ شهيد بينظير ۽ شهيد ذوالفقار جون قربانيون شامل آهن.