سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ڪنڌڪوٽ مان هٿياربندن هٿان صحافي جي ڌيءُ اغوا، ناڪابندي تي زخمي ڪري فرار

ڪنڌڪوٽ (ن ڪ) ڪنڌڪوٽ شهر جي گلشير محلي مان ڪار ۾ سوار 4 هٿياربند مقامي صحافي نور الدين مهيسر جي 14  سالن جي نياڻي ناهيد کي اغوا ڪري فرار ٿيا ته اطلاع تي پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جو پيڇو ڪيو، جنهن تي جوابدار ڪنڌڪوٽ باءِ پاس ڏانهن ويندڙ  رستي تي يرغمالي نياڻي کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏي فرار ٿي ويا، واقعي خلاف صحافين هنگامي گڏجاڻي ڪري گهر ڪئي آهي ته صحافي جي نياڻي کي اغوا ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ صحافين پاران احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.