سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

لاڙڪاڻي ۽ رتيديري ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا فوت

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي محمد پور محلي ۾ لوهي سريا کليل بجلي جي تارن سان ٽڪرائجڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ گڏهه گاڏي هلائيندڙ پورهيت حاجي جمشيد جتوئي بيهوش ٿي ويو، جنهن چانڊڪا سول اسپتال ۾ دم ڏنو، هوڏانهن رتيديري شهر جي هڪ مسجد ۾ پاڻي جي موٽر هلائيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان نادر حسين لانگاهه موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، ٻنهي فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.