شڪارپور ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن تپيدار کي گوليون هڻي ڇڏيون

شڪارپور (ن  ڪ) شڪارپور شهر جي جمعه خان مڏي واري علائقي ۾ تپيدار سيف الدين نصيراڻي موبائيل فون تي ڳالهائي رهيو هو ته موٽر سائيڪل سوار ٻن نامعلوم هٿياربندن کانئس موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، مزاحمت  تي مٿس سڌي فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب هو سخت  زخمي ٿي پيو، فائرنگ جي آواز تي شهري گڏ ٿيا ته ڦورو فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي کي سول اسپتال آندو ويو آهي.