ڄامشورو لڳ ٽول پلازه وٽان ٻڍڙي عورت جو چچريل لاش هٿ

ڄامشورو (ن ڪ) ڄامشوري لڳ ٽول پلازه وٽ سپر هاءِ وي تان ٻڍڙي عورت جو چچريل لاش مليو آهي، موٽروي عملي جي اطلاع تي ڄامشورو پوليس مقتول عورت جو لاش کڻائي ايل ايم يو اسپتال آندو، سڃاڻپ نه ٿيڻ کانپوءِ لاش ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو، معلوم ٿيو آهي ته سپر هاءِ وي تي گاڏين جي هيٺان چيڀاٽجڻ سبب عورت جو لاش مڪمل چچريل هو، جنهن سبب سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي.