|
روزانه ڪاوش |
|
نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج فار گرلز کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو آهي:پرنسپال نوابشاهه (ن ڪ) پرنسپال نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج اسپتال پروفيسر ڊاڪٽر علي اڪبر گهمرو پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج فار گرلز کي اپ گريڊ ڪري يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو آهي ۽ يونيورسٽي جو نالو پيپلز ميڊيڪل انٽرنيشنل يونيورسٽي فار وومين رکيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته يونيورسٽي لاءِ 5 ارب رپيا فنڊز جي ضرورت آهي، جيڪي فريال ٽالپر وزيراعظم، صدر پاڪستان ۽ وزير اعلى سنڌ کان وٺي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ 200 ايڪڙ زمين سڪرنڊ روڊ تي خريد ڪئي ويندي، هن چيو ته موجوده ڪاليج جون بلڊنگس رهائشي ڪئمپس ۾ تبديل ڪيون وينديون ۽ يونيورسٽي ۾ 22 شعبا کوليا ويندا ۽ موجوده اسپتال به قائم رهندي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي ۾ 5 ميڊيڪل يونيورسٽيون آهن ۽ باقي سنڌ ٽي يونيورسٽي آهن انهي ڪري هي وومين يونيورسٽي پاڪستان جي پهرين يونيورسٽي آهي، هن چيو ته سڀاڻي وزير اعلى سنڌ سان گڏجاڻي ٿيندي ۽ کيس يونيورسٽي بابت ڪاغذات ڏنا ويندا، جنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، پريس ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر عطا محمد چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر شمس شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر انور علي آخوند ۽ ٻيا موجود هئا.
|