|
روزانه ڪاوش |
|
امان منهنجي پرڻي تان نه پر بابا جي تشدد کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو:مديحه تلهار (ن ڪ) ماتلي مان نڪري پيار جو پرڻو ڪندڙ مئٽرڪ جي شاگردياڻي مديحه سومرو ۽ سندس مڙس نجف الدين خاصخيلي پريس ڪلب تلهار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هنن رضا خوشي سان پيار پرڻو ڪيو آهي هو خوش آهن، ناري مديحه سومرو پنهنجي ماءُ جي خودڪشي بابت ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ماءُ ماسترياڻي شاهده سومرو منهنجي وڇوڙي نه پر بابا ۽ چاچن جي بلا جواز تشدد کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو آهي، يا ٿي سگهي ٿو ته کيس قتل ڪيو ويو هجي، هن دعويٰ ڪئي ته سندس ماءُ شادي مان راضي هئي، هن چيو ته امان جي موت تي انتهائي ڏک پهتو آهي، جڏهن ته نوجوان نجف خاصخيلي ٻڌايوته مديحه هاڻ منهنجي لڄ آهي، سڄي حياتي ساٿ نڀائيندس. هن چيوته مديحه جا مائٽ ڌمڪيون پيا ڏين، ان ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.
|