روزانه ڪاوش

حڪومت 55 هزار بيروزگارن کي نوڪريون ۽ غريبن کي مفت گهر ڏيندي:گل محمد جکراڻي

ميرپور ماٿيلو (ن ڪ)  پاڪستان جي 60  سالن جي عمر ۾ 35  ورهين کان وڌيڪ  عرصو  آمرن حڪومت  ڪئي، جنهن  سبب  پاڪستان ٽٽي ويو ۽ بنگلاديش ٺهيو، اڄ به اهي قوتون موجوده حڪومت جا ڏينهن  ڳڻين پيون،  اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي  صلاحڪار  گل محمد جکراڻي  پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف وفاداري  جي موقعي تي  خطاب ڪندي  ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت  بيروزگار نوجوانن کي 55 هزار سرڪاري نوڪريون ڏيندي ۽ پرائيويٽ ڪمپنين ۾ به مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي ڀرپور  ڪوشش ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جي غريب ماڻهن کي مفت ۾ گهر ٺاهي ڏيڻ جو پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي شروعات لاڙڪاڻي کان  ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ صحافين کي   سرڪاري طور تي  ڪالونيون ٺاهي ڏنيون وينديون، ان موقعي تي  صحافي الهورايو بوزدار،  پريس ڪلب  ميرپور ماٿيلو جي  صدر خادم عباسي، پ پ اڳواڻ بابر لنڊ، ڄام فتاح  سميجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.