|
زرعي يونيورسٽي جي ملازمن تي
پوليس اڌ رات جو ڪڙڪي پئي،لٺبازي،فائرنگ،40 گرفتار
حيدرآباد(رپورٽ:
سکر لاشاري) حيدرآباد پوليس اڌ رات جو زرعي يونيورسٽي جي وي سي
خلاف مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪندڙ ملازمن مٿان ڪڙڪي پئي،
لٺبازي دوران مزاحمت تي اهلڪارن فائرنگ ڪري هراس پکيڙي ڇڏيو،
40 ملازمن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، 300 ملازمن تي ڀڃ ڊاهه جو ڪيس
داخل ڪيو ويو، تفصيل موجب حيدرآباد جي ڊي پي او غلام نبي ميمڻ
جي نگراني ۾ ضلعي پوليس جي 20 پوليس موبائيلن ۽ مزدا گاڏين ۾
سوار سوين اهلڪارن آڌي رات جو زرعي يونيورسٽي جي وي سي بشير
احمد شيخ خلاف ۽ کيس هٽائڻ لاءِ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي
ويٺل ملازمن جي ڪيمپ تي ڪڙو چاڙهي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ چيو،
ملازمن جي انڪار تي اهلڪار مٿن ڪڙڪي پيا ۽ لٺبازي ڪئي، ملازمن
پاران مزاحمت ڪرڻ تي اهلڪارن ملازمن تي فائرنگ ڪري 40 ملازمن
کي گرفتار ڪري ورتو، جن بابت ملازم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس
گرفتار ڪيل 40 ملازمن کي گم ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف پوليس
ڪارروائي بعد يونيورسٽي جي چوڪيدار رحمان شيخ جي فرياد تي
ملازم ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ حسين بخش ويسر، عبدالمجيد شاهه،
ڪرم پنو، شهمير، لياقت چنڙ، گلاب مگسي، عباس مگسي، رضا مگسي،
مظفر منگي، عامر مسيح، اڪبر مسيح، گل ماڇي ۽ حاجي ڀٽو سميت 300
ملازمن خلاف ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو، گناهه نمبر 08/ 238
تحت داخل ڪيس ۾ پوليس گرفتار ڪيل 40 ملازمن مان 13 ڄڻن جي
گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن گذريل رات ٿيل ڪارروائي
بابت ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي ڪاوش سان
ڳالهائيندي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته يونيورسٽي ۾ امن امان
بهتر هجي، تعليمي سرگرميون سٺي نموني هلي سگهن، تنهن ڪري اسان
ملازمن ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ يونيورسٽي انتظاميا وچ ۾
ڳالهه ٻولهه ڪرائي معاملو حل ڪرائڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته
ڳالهين لاءِ ٻنهي ڌرين راضپو ظاهر ڪيو آهي، هن چيو ته ملازمن
سان انصاف ٿيندو ۽ گرفتار ملازمن کي به آزاد ڪيو ويندو. ٻئي
طرف ملازمن ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ حسين بخش ويسر ڪاوش سان
ڳالهائيندي چيو ته پوليس ڌاڙيلن وانگر ڪارروائي ڪري ملازمن کي
تشدد جو نشانو بڻايو آهي، هن الزام هنيو ته پوليس 40 ملازم
کنڀي گم ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي طرف زرعي يونيورسٽي انتظاميا پوليس
طرفان ملازمن خلاف ڪيل ڪارروائي واري عمل کي بهتر قرار ڏنو
ويو آهي، يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو
آهي ته يونيورسٽي ملازمن جي جوڙيل غير قانوني ايڪشن ڪاميٽي
طرفان تشدد وارو رستو اختيار ڪيو ويو، وائيس چانسلر ۽ رجسٽرار
هائوس تي پٿراءُ ڪرڻ سان گڏوگڏ انتظاميا بلاڪ کي گهيري ۾ آڻڻ ۽
ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن تي تشدد ڪيو ويو، ملازمن خلاف پوليس پاران
ڪارروائي ڪرڻ ۽ بک هڙتال ختم ڪرائڻ واري عمل جي تعريف ڪئي وئي
آهي. |