|
روزانه ڪاوش |
|
زرعي يونيورسٽي ملازمن جو 13 هين ڏينهن به احتجاج:روڊ تي ليٽي ڌرڻو ٽنڊوڄام/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ملازمن جي وائيس چانسلر هٽايو تحريڪ ڪالهه به جاري رهي، سوين ملازمن ڪالهه 13 هين ڏينهن به وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ اڳيان ڌرڻو هنيو، جنهن کي خطاب ڪندي ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن حسين بخش ويسر، ڪرم پنو، سيد عبدالمجيد شاهه، شهمير لوچي، مير غلام حسين، پرويز پتافي، اصغر ڪونڌر، غلام حيدر جويو، عبدالحئي ڀٽو ۽ ٻين چيو ته وائيس چانسلر ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ ويتر انهن مٿان بهتان بازي ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل پيو ڪرائي، بعد ۾ ملازمن نٽهڻ اس ۾ تتل روڊ تي سمجهي وائيس چانسلر خلاف احتجاج ڪيو، ٻئي طرف پ پ ايم پي اي پير امجد حسين شاهه جيلاني ملازم اڳواڻن سان ملاقات ڪري معاملن بابت ڄاڻ ورتي ۽ هن ملازمن جي اخلاقي حمايت جو اعلان ڪيو، ٻئي طرف ملازم اڳواڻن اعلان ڪيو آهي ته اهي اڄ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻندا، هوڏانهن پ پ ايم پي اي پير امجد حسين شاهه جيلاني جو چوڻ هو ته زرعي يونيورسٽي جو معاملو انتهائي توجهه طلب آهي، هن چيو ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر بشير احمد شيخ خلاف ڪرپشن جا ثبوت مليا ته ان بابت گورنر سان ڳالهايو ويندو، جڏهن ته وائيس چانسلر پاران پ پ جي چونڊيل نمائندن تي لڳايل الزامن بابت به جاچ ڪنداسين، هن چيو ته ملازمن سان ڪا ناانصافي برداشت نه ڪبي، لاڙڪاڻي ۾ شهيد زيد اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي ملازمن پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن تاج محمد ساريو، عبدالجبار چانڊيو، ممتاز اوڍاڻو، نثار مشوري ۽ ٻين گهر ڪئي ته ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي وي سي کي هٽائي ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.
|