|
روزانه ڪاوش |
|
ميرپورخاص:ڊاڪٽرن جي مبينا طور غلط علاج سبب متاثر ٻارڙو فوت ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ۽ غلط علاج جو شڪار معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو، والد پاران عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان، ڊاڪٽرن پاران ٺاهه لاءِ ڪوششون، ميرپورخاص جي خانگي اسپتال ۾ آپريشن بعد چيڪ اپ دوران ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت، لاپرواهي ۽ سيمپل واري انجيڪشن لڳائڻ سبب متاثر ٿيل 4 سالن جو ٻارڙو اسد علي مڱريو زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ رهڻ بعد گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو، معصوم جو جنازو ڳوٺ حسين مڱريو لڳ آتنا موري آڻڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارث ڊاڪٽرن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا جنازي کي چنبڙي ويا، ان واقعي بعد خانگي ميڊيڪل سينٽر جي بااثر مالڪ ۽ علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن فوتي نينگر جي وارثن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ بااثر ماڻهن ذريعي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته فوتي نينگر جي والد ڦلو خان مڱريو ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت ۽ غلط علاج سبب سندس پٽ جي موت تي ڊاڪٽرن ۽ خانگي اسپتال مالڪ خلاف قانوني ويڙهه ڪرڻ ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ معصوم پٽ جي خون جو سودو نه ڪندس، هن الزام مڙهيو ته نااهل ڊاڪٽرن سندس گهر اجاڙي ڇڏيو آهي،انصاف لاءِ عدالت ۾ ويندس، هن اختيارين کان ڊاڪٽرن خلاف قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر اڪبر آرائين ۽ ٻيا ڊاڪٽر تڏي تي آيا هئا، پر فاتحه کانسواءِ اسان ساڻن ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ۽ نه ئي ڪنداسين.
|