روزانه ڪاوش

”ڦورو آهين؟“:ڏوڪري لڳ ڳڀرو نوجوان گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل

ڏوڪري/راڌڻ (نمائندن وٽان) ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ سهڻو ڪلهوڙو لڳ ترن جي فصل مان گهٽا ڏئي وحشياڻي تشدد بعد قتل ٿيل 18 سالن جي نوجوان غلام سرور لاکير جو لاش هٿ آيو، ان ڏس ۾ سعدي موساڻي لڳ ڳوٺ مٺو ماڇي جي رهواسي نذير لاکير ٻڌايو ته منهنجو ڀائٽيو غلام سرور 2 ڏينهن کان غائب هو، اسان نئون ڳوٺ ٿاڻي کي به سندس گمشدگي بابت آگاهي ڏني هئي، هن ٻڌايو ته ڪلهوڙا برادري جي هٿياربندن منهنجي ڀائٽيي کي ڦر ڪرڻ جي شڪ ۾ کنڀي وحشياڻي تشدد بعد ڳچي ۾ رسو وجهي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، اسان کي ٻني مان 2 ڏينهن پراڻو لاش مليو هو، هوڏانهن ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد لاش ڳوٺ مٺو ماڇي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف ڪچي جي ويهڙ ٿاڻي تي مقتول جي چاچي نذير لاکير ڪلهوڙا برادري جي 4 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايو آهي.