|
”جوائننگ آرڊر ڏيو“:لاڙڪاڻي ۾ پوليس کاتي جي ٽيسٽ ڏيندڙن جو مظاهرو لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ هڪ سال اڳ سپاهي طور ڀرتي ٿيڻ لاءِ امتحان پاس ڪندڙ 154 اميدوارن کي جوائننگ آرڊر نه ملڻ خلاف ڪالهه به اميدوارن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جون تصويرون کڻي مظاهرو ڪرڻ بعد ڪلام پاڪ جو ورد ڪيو، ان موقعي تي اقتدار کچي، لياقت چانڊيو، مسعود ڪنڀر، حيدر انڙ، شفقت آگاڻي ۽ ٻين چيو ته بنا دير پاس ٿيل اميدوارن کي جوائننگ آرڊر ڏنا وڃن.
|